Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 17:12 - Sindhi Bible

12 ۽ ميڪاہ انهيءَ لاوي جو تقرر ڪيو، ۽ اُهو جوان ماڻهو سندس ڪاهن ٿيو، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ رهندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ميڪاہ انهيءَ لاويءَ کي بطور ڪاهن مقرر ڪيو ۽ هو ميڪاہ جي گھر ۾ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 17:12
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن مٿانهن هنڌن جا گهر جوڙايا، ۽ عام ماڻهن مان ڪاهن مقرر ڪيائين، جي لاوي جي پٽن مان نہ هئا.


پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽوليءَ کي چيو تہ سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي، ۽ ڪير پاڪ آهي، ۽ ڪنهن کي هو پاڻ وٽ ٿو سڏي؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي هو پسند ڪندو، تنهن کي ئي پاڻ وٽ سڏيندو.


پوءِ خداوند هارون کي فرمايو تہ پاڪ مڪان جي بابت خطا جو بار تو تي، ۽ توسان گڏ تنهنجن پٽن تي، ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻي تي ايندو؛ ۽ تنهنجيءَ ڪهانت جي خطا جو بار تو تي، ۽ توسان گڏ تنهنجن پٽن تي ايندو.


۽ اُهو لاوي انهيءَ ماڻهوءَ سان گڏ رهڻ تي راضي ٿيو؛ ۽ اُهو جوان هن کي سندس هڪڙي پٽ جهڙو هو.


تڏهن ميڪاہ چيو تہ هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن هڪڙو لاوي منهنجو ڪاهن آهي، تڏهن خداوند مون سان چڱائي ڪندو.


۽ بني دان اُها اُڪريل مورت پنهنجي لاءِ بيهاري ڇڏي: ۽ يونتن، بن جيرسوم، بن موسيٰ، ۽ سندس پٽ، دان جي فرقي جا ڪاهن ٿيا، جيستائين ڪ انهيءَ ملڪ جا رهاڪو قيد ٿي ويا.


۽ هن چين تہ ميڪاہ مون سان ههڙو سلوڪ ڪيو آهي، ۽ هن مون کي ڀاڙي تي رکيو آهي، ۽ آءٌ هن جو ڪاهن ٿيو آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ