Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 16:7 - Sindhi Bible

7 ۽ سمسون چيس تہ جيڪڏهن مون کي ستن ساين لئي جي سنهڙين ٽارين سان ٻڌندا، جي اڃا آليون هجن، تہ پوءِ آءٌ هيڻو ٿي پوندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 سمسون جواب ڏنس تہ ”جيڪڏهن مون کي تازي چم جي ستن پٽن سان ٻڌو وڃي، جيڪي اڃا سڪا نہ هجن، تہ پوءِ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 16:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سچ جي ڳالهہ هميشہ قائم رهندي: پر ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان رڳو هڪڙي لحظي لاءِ آهي.


عمدي تقرير بي عقل کي نٿي سونهين: بادشاهہ کي ڪوڙ ڳالهائيندڙ چپ انهيءَ کان بہ گهٽ.


(۽ جيئن ڪ اسان تي ڪوڙي تهمت ٿا لڳائين ۽ سيکارين ٿا، تہ اسان جو چوڻ آهي) تہ ڇو نہ اسين برائي ڪريون، تہ انهيءَ مان ڀلائي نڪري؟ پر اهڙن جو ڏوهاري ليکجڻ انصاف آهي.


فريب نہ کائو، خدا کي ٺڳي ڪين سگهندا، ڇالاءِ جو جيڪي انسان پوکي ٿو سو ئي هو لُڻندو.


هڪ ٻئي سان ڪوڙ نہ ڳالهايو، جو اوهان پراڻي انسانيت سندس ڪمن سميت پوشاڪ وانگر لاهي ڇڏي آهي،


۽ دليلہ سمسون کي چيو تہ ڏس تو مون سان ٺٺولي ڪئي آهي، ۽ مون سان ڪوڙ ڳالهايا اٿئي. هاڻي مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سان توکي ٻڌي سگهبو.


تڏهن دليلہ سمسون کي چيو تہ مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ تنهنجو زور ڪهڙي شيءِ ۾ آهي، ۽ ڪهڙي طرح توکي ٻڌي ايذاءُ رسائي ٿو سگهجي.


تڏهن فلستين جي سردارن هن وٽ ست سايون لئي جون ٽاريون آنديون، جي اڃا آليون هيون، ۽ هن انهن سان هن کي ٻڌو.


هاڻي هن اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ ماڻهو لڪائي ويهاري ڇڏيا هئا، ۽ هن انهي کي چيو تہ اي سمسون، فلستي توتي آيا آهن. ۽ هن اُهي ٽاريون ائين ڇني ڇڏيون جيئن سڻيءَ جو ڌاڳو باهہ لڳڻ ڪري ڇڄي پوندو آهي. انهيءَ طرح هن جو زور معلوم ٿي نہ سگهيو.


۽ سائول ميڪل کي چيو تہ ڇو تو مون کي هن طرح ٺڳيو آهي، ۽ منهنجي دشمن کي ڀڄائي ڇڏيو اٿيئي، جنهنڪري هو بچي ويو آهي؟ ۽ ميڪل سائول کي ورندي ڏني تہ هن مون کي چيو تہ مون کي وڃڻ ڏي: ڇو آءٌ توکي ماري وجهان؟


۽ اڪيس چيو تہ اڄ اوهان ڪيڏي ڪاهہ ڪئي هئي؟ تڏهن دائود چيس تہ يهوداہ جي ڏکڻ تي، ۽ يرحميلين جي ڏکڻ تي، ۽ قينين جي ڏکڻ تي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ