Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 16:4 - Sindhi Bible

4 ۽ پوءِ هيئن ٿيو تہ سورق جي واديءَ ۾، هڪڙي زال تي هو عاشق ٿيو جنهن جو نالو دليلہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ڪجھہ وقت کان پوءِ سورق جي برساتي نهر ڀرسان رهندڙ دليلہ نالي هڪڙيءَ عورت سان سمسون جو عشق ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 16:4
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي بادشاهہ سليمان فرعون جي ڌيءَ کان سواءِ گهڻين ڌارين زالن کي بہ پيار ڪندو هو، يعني موآبي، عموني، ادومي، صيداني ۽ حتي زالن کي بہ؛


اسرائيل جي بادشاهہ سليمان انهن ڳالهين جي ڪري گناهہ نہ ڪيو هو ڇا؟ جيتوڻيڪ هن جهڙو بادشاهہ گهڻين قومن ۾ ڪونہ هو، ۽ هو پنهنجي خدا جو پيارو هو، ۽ خدا هن کي سڄي اسرائيل جو بادشاهہ ڪيو: انهيءَ هوندي بہ هن کان ڌارين زالن گناهہ ڪرائي وڌو.


ڌاريءَ زال جو وات هڪڙي اونهي کڏ آهي: جنهن مان خداوند کي نفرت ٿي اچي سو انهيءَ ۾ ڪرندو.


ڇالاءِ جو ڪسبياڻي هڪڙي اونهي کڏ آهي؛ ۽ ڌاري زال هڪڙي سوڙهي کوهي آهي.


جيئن ڪو ڪتو پنهنجي ڪيل قئي تي موٽي اچي ٿو، تيئن اُهو بي عقل آهي جو وري وري پنهنجي بي عقلي ظاهر ڪري ٿو.


جيتوڻيڪ تون ڪنهن بي عقل کي ڪٽيل اَن سان گڏ اکريءَ مهريءَ ۾ کڻي ڪُٽيندين، تہ بہ ان جي بي عقلي منجهانئس نڪري نہ ويندي.


هاڻي اهي ڳالهيون اسان جي لاءِ مثال هيون، انهي لاءِ تہ اسين خراب شين جي خواهش نہ ڪريون، جيئن هنن ٿي ڪئي.


۽ سمسون اڌ رات تائين ليٽيو پيو هو، ۽ اڌ رات جو اُٿي شهر جي دروازي جا طاق، ۽ ٻئي ٻانهون جهلي، گزن سميت اُکيڙي کڻي پنهنجن ڪلهن تي رکيائين، ۽ حبرون جي اڳيان جيڪو جبل آهي انهيءَ جي چوٽيءَ تائين اُهي کڻي ويو.


۽ فلستين جا سردار انهيءَ زال وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ تون هن کان ڌتاري پڇ تہ هن کي جو هيترو زور آهي سو ڇا ۾ اٿس، ۽ ڪهڙي طرح اسين هن تي غالب پئون، تہ هن کي ٻڌي ايذاءَ رسايون، ۽ اسان مان هڪڙو هڪڙو توکي يارهن سؤ چانديءَ جا سڪا ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ