Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 16:2 - Sindhi Bible

2 ۽ غزہ جي ماڻهن کي خبر پيئي تہ سمسون اتي آيو آهي. تڏهن هو چوڌاري ڦري آيس، ۽ سڄي رات شهر جي دروازي وٽ هن جي لاءِ ترسيا رهيا، ۽ ماٺ ڪري ويٺا رهيا، ۽ چيائون تہ ڀلي صبح جي روشني ٿئي تہ پوءِ هن کي ماريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 غزہ جي ماڻهن کي جڏهن خبر پيئي تہ سمسون هتي آيو آهي، تڏهن هنن انهيءَ جاءِ کي گھيري ۾ آندو ۽ سڄي رات شهر جي ٻاهرين دروازي وٽ هن جي لاءِ ترسي ويٺا. رات جو هنن ڪابہ چرپر ڪانہ ڪئي جو چيائون تہ ”پرهہ ڦٽيءَ مهل هن کي ماري ڇڏينداسون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 16:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن انهن آبادگارن هن جي پٽ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ چيائون تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، ۽ سندس ورثو هٿ ڪريون.


هاڻي جڏهن صبح ٿيو، تڏهن سڀني سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي بزرگن يسوع کي ماري وجهڻ لاءِ سندس برخلاف صلاح مشورت ڪئي:


پر جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪر گهيري ويا آهن، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس ويران ٿيڻ جو وقت ويجهو آهي.


تنهنڪري هاڻي اوهين صدر مجلس وارن سان گڏجي پلٽڻ جي سردار کي چئو تہ هن کي اوهان وٽ وٺي اچي، ڄڻ تہ اوهان جي مرضي آهي تہ سندس معاملي جي اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪريو؛ ۽ اڃا هو پهچندو ئي ڪين تہ اسين ماري وجهنداسونس.


پر شائول کي سندن منصوبي جي خبر پئجي ويئي. مگر اهي رات ڏينهن شهر جي دروازن تي پهرو پيا ڏيندا هئا تہ هن کي ماريون:


۽ هن کي ڏاڍي اُڃ لڳي، ۽ خداوند کي پڪاري چيائين تہ تو پنهنجي ٻانهي جي هٿان هڪڙو وڏو ڇوٽڪارو ڏنو آهي: ۽ هاڻي آءٌ اُڃ کان مري وڃان، ۽ اڻ طهريلن جي هٿن ۾ وڃي پوان ڇا؟


۽ سمسون اڌ رات تائين ليٽيو پيو هو، ۽ اڌ رات جو اُٿي شهر جي دروازي جا طاق، ۽ ٻئي ٻانهون جهلي، گزن سميت اُکيڙي کڻي پنهنجن ڪلهن تي رکيائين، ۽ حبرون جي اڳيان جيڪو جبل آهي انهيءَ جي چوٽيءَ تائين اُهي کڻي ويو.


۽ سائول دائود جي گهر قاصد موڪليا تہ انهي جي جاچ ڪن، ۽ صبح جو انهي کي ماري وجهن: ۽ دائود جي زال ميڪل کيس چيو تہ جي اڄ رات تون پنهنجي جان نہ بچائيندين، تہ سڀاڻي تون قتل ٿيندين.


۽ سائول جبل جي هڪڙي پاسي هليو ويو، ۽ دائود پنهنجن ماڻهن سميت جبل جي ٻئي پاسي هليو ويو: ۽ دائود سائول جي ڊپ کان تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو سائول ۽ سندس ماڻهن، دائود ۽ سندس ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ اچي هنن کي چوڌاري وڪوڙيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ