Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 15:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هن انهن کي دڏن ۽ رانن تي ڌڪ هڻي، منجهن ڏاڍو ڪوس وڌو: پوءِ وڃي ايتام واري ٽڪر جي چر ۾ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن هو مٿن اچي ڪڙڪيو ۽ منجھن ڏاڍو ڪوس وڌائين. پوءِ هو وڃي ايتام واري ٽڪر جي غار ۾ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 15:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن بيت الحم، ۽ عيطام، ۽ تقوع بہ جوڙيا،


ڇالاءِ جو هن جبل تي خداوند جو هٿ رهندو، ۽ موآب پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙيو ويندو، جيئن ڪک لتاڙبا آهن.


مون اڪيلي انگور جو چيچڙو لتاڙيو آهي؛ ۽ قومن مان ڪوبہ ماڻهو مون سان ڪونہ هو؛ هائو، غصي ۾ مون انهن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ مون انهن کي چٿيو؛ انهن جو رت منهنجي ڪپڙن تي ڇاٽاريو ويو، ۽ منهنجن سڀني ڪپڙن تي داغ ٿيا آهن.


۽ غصي ۾ مون قومن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ انهن کي مست ڪيم، ۽ انهن جو رت زمين تي وهائي ڇڏيم.


باهہ جي تيزيءَ کي بہ بي اثر ڪيائون، ترار جي ڌار کان بچي ويا، ڪمزوريءَ ۾ زور وارا ٿيا، جنگ ۾ بهادر ٿيا، ڌارين جا لشڪر ڀڄائي ڪڍيائون:


۽ يهوداہ جي ماڻهن چيو تہ اوهين ڇو اسان تي چڙهي آيا آهيو؟ ۽ هنن چيو تہ اسين انهيءَ لاءِ آيا آهيون تہ سمسون کي ٻڌي ساڻس ائين ڪريون جيئن هن اسان سان ڪيو آهي.


تڏهن يهوداہ جا ٽي هزار ماڻهو ايتام واري ٽڪر جي چر ڏانهن ويا، ۽ سمسون کي چيائون تہ توکي اها خبر ڪانهي ڇا تہ فلستي اسان جي مٿان حاڪم آهن؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو آهي؟ ۽ هن انهن کي چيو تہ جيئن هنن مون سان ڪيو، تيئن وري مون بہ ساڻن ڪيو.


۽ سمسون انهن کي چيو تہ جي اوهين ائين ڪندا تہ آءٌ ضرور اوهان کان وير وٺندس، ۽ پوءِ بس ڪندس.


تڏهن فلستي چڙهي ويا ۽ يهوداہ ۾ وڃي تنبو هنيائون، ۽ لحي ۾ پکڙجي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ