Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 15:6 - Sindhi Bible

6 تڏهن فلستي چوڻ لڳا تہ هي ڪم ڪنهن ڪيو آهي؟ ۽ هنن چيو تہ اهو تمنت جي ناٺيءَ سمسون ڪيو آهي، ڇو جو هن انهي جي زال وٺي سندس سنگتيءَ کي ڏيئي ڇڏي آهي، ۽ فلستين اچي انهيءَ زال ۽ سندس پيءُ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جڏهن فلستين پڇا ڪئي تہ ”هي ڪم ڪنهن ڪيو آهي؟“ تڏهن کين ٻڌايو ويو تہ ”اهو ڪم تمنيءَ جي ناٺي سمسون ڪيو آهي، ڇوجو سندس سهري انهيءَ جي زال هن کان ڇني هن جي آنر کي ڏيئي ڇڏي آهي.“ سو فلستين اچي انهيءَ عورت ۽ سندس پيءُ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 15:6
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ستين ڏينهن هيئن ٿيو تہ هنن سمسون جي زال کي چيو تہ پنهنجي مڙس کي ڌتار تہ هو اسان کي اها پرولي سلي ٻڌائي، نہ تہ اسين توکي، ۽ تنهنجي پيءُ جي گهر کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏينداسين: اوهان اسان کي انهيءَ لاءِ ڪوٺيو ڇا تہ اسان کي ڦري غريب ڪري ڇڏيو؟ ائين ناهي ڇا؟


۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ نسبت ۾ پنهنجي ڀاءُ سان زيادتي نہ ڪري، ۽ نڪي ساڻس ٺڳي ڪري، ڇالاءِ جو خداوند انهن سڀني ڳالهين جو بدلو ڏيندو، جيئن ڪ اسان اڳي بہ اوهان کي چتايو آهي.


جيڪو ظلم ٿو پوکي سو مصيبت لڻندو: ۽ هن جي ڪاوڙ جي لٺ نڪمي ٿيندي.


۽ افرائيم جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ لنگهي اُتر ڏانهن ويا، ۽ هنن افتاح کي چيو تہ ڇو تون بني عمون سان وڙهڻ لاءِ وئين، ۽ اسان کي پاڻ سان هلڻ لاءِ نہ چيئِہ؟ اسين تنهنجو گهر تو سميت باهہ سان ساڙي ڪيرائي وجهنداسين.


۽ پوءِ هن انهن اُماڙين کي باهہ ڏيئي انهن لومڙين کي فلستين جي بيٺل فصل ۾ ڇڏي ڏنو: ۽ اهڙيءَ طرح لڻيل پوک، توڙي بيٺل پوک، ۽ زيتون جي باغن کي ساڙي ڇڏيائين.


۽ سمسون انهن کي چيو تہ جي اوهين ائين ڪندا تہ آءٌ ضرور اوهان کان وير وٺندس، ۽ پوءِ بس ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ