Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 14:4 - Sindhi Bible

4 پر هن جي ماءُ پيءُ کي اها خبر نہ هئي تہ اها ڳالهہ خداوند وٽان آهي؛ ڇالاءِ جو هن فلستين سان وڙهڻ جو وجهہ پئي ڳوليو. هاڻي انهيءَ وقت فلستين جو اسرائيل تي حڪم هلندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سمسون جي ماءُ پيءُ کي اها خبر ڪانہ هئي تہ اها ڳالهہ خداوند وٽان آهي، جنهن فلستين سان وڙهڻ جو موقعو پئي تلاش ڪيو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت فلستي بني اسرائيل تي حڪمراني ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 14:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ طرح بادشاهہ هنن ماڻهن جي دانهن نہ ٻڌي؛ ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند جي طرفان ٿيل هئي تہ هو پنهنجو ڪلام قائم ڪري، جو خداوند اخياہ سيلاني جي هٿان يربعام بن نباط سان ڪيو هو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين چڙهي نہ وڃجو، ۽ نہ پنهنجن ڀائرن بني اسرائيل سان وڙهجو: سڀڪو ماڻهو موٽي پنهنجي گهر وڃي؛ ڇالاءِ جو اهو ڪم منهنجو ڪيل آهي. تڏهن هنن خداوند جو حڪم مڃيو، ۽ خداوند جي ڪلام موجب موٽي پنهنجو رستو وٺي هليا ويا.


۽ اڃا هن اُنهن سان پئي ڳالهايو تہ اُهو قاصد وٽس آيو: ۽ اچي چيائينس تہ ڏس، هيءَ خرابي خداوند جي طرفان آيل آهي: ڇالاءِ آءٌ هن کان وڌيڪ خداوند جو منتظر رهان؟


انهيءَ طرح بادشاهہ ماڻهن جي ڳالهہ نہ مڃي؛ ڇالاءِ جو اها خدا جي ڪيل رٿ هئي، تہ جيڪو ڪلام خداوند اخياہ سيلانيءَ جي معرفت يربعام بن نباط سان ڪيو هو، سو قائم ٿئي.


هاڻي اخزياہ جي تباهي خدا وٽان هئي جو هو يهورام ڏي ويو هو: ڇالاءِ جو جڏهن هو موٽي آيو، تڏهن هو يهورام سان گڏجي ياهو بن نمسيءَ سان وڙهڻ لاءِ نڪري ويو، جنهن کي خداوند اخي اب جي گهراڻي کي وڍي ڇڏڻ لاءِ مسح ڪيو هو.


پر امصياہ ٻڌڻ جي نہ ڪئي: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خدا جي طرفان هئي تہ هنن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪري، جو هو ادوم جي ڪري معبودن جا طالبو ٿيا هئا.


اسان جو خدا آسمان ۾ آهي: هن کي جيڪي وڻيو سو سڀ ڪيائين.


تڏهن وزيرن ۽ والين ڪوشش ڪئي تہ حڪمرانيءَ جي نسبت ۾ داني ايل جو ڪو قصور هٿ ڪن، پر اهڙي قصور هٿ ڪرڻ جو هنن کي وجهہ ملي نہ سگهيو؛ ڇالاءِ جو هو ايماندار هو، ۽ هن ۾ ڪا گهٽتائي يا قصور نہ هو.


تنهنڪري بک ۾، اُڃ ۾، اوگهڙ ۾، ۽ سڀني شين جي محتاجيءَ ۾ بہ، جيڪو دشمن خداوند توتي موڪليندو، تنهن جي تون خدمت ڪندين: ۽ جيسين هو توکي برباد نہ ڪندو، تيسين تنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجهندو.


ڇالاءِ جو اهو خداوند جو حڪم هو، جنهن هنن جون دليون سخت ڪيون، تہ اسرائيل سان اچي جنگ ڪن، انهي لاءِ تہ هو کين صفا ناس ڪري ڇڏين، ۽ مٿن ڪابہ مهرباني نہ ٿئي، بلڪ هنن کي چٽ ڪري ڇڏين، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


۽ بني اسرائيل وري اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ ۽ خداوند انهن کي چاليهن سالن تائين فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


تڏهن سمسون ۽ هن جا ماءُ پيءُ تمنت ڏانهن ويا، ۽ تمنت جي ڊاک جي منهہ ۾ آيا: ۽ هن ڏٺو تہ هڪڙو جوان شينهن مٿس گجگوڙ ڪري چڙهي پيو اچي.


تڏهن يهوداہ جا ٽي هزار ماڻهو ايتام واري ٽڪر جي چر ڏانهن ويا، ۽ سمسون کي چيائون تہ توکي اها خبر ڪانهي ڇا تہ فلستي اسان جي مٿان حاڪم آهن؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو آهي؟ ۽ هن انهن کي چيو تہ جيئن هنن مون سان ڪيو، تيئن وري مون بہ ساڻن ڪيو.


۽ سمسون هنن کي چيو تہ هن دفعي جي آئون فلستين کي ڪو نقصان پهچايان تہ مون تي ڏوهہ نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ