Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 14:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن هن جي ماءُ پيءُ هن کي چيو تہ تنهنجن ڀائرن جي ڌيئرن ۾، يا منهنجي سڄي قوم ۾، ڪا زال ڪانهي ڇا جو تون اڻ طهريلن فلستين مان پرڻجڻ ٿو چاهين؟ ۽ سمسون پنهنجي پيءُ کي چيو تہ مون کي اُها وٺي ڏي؛ ڇالاءِ جو اُها مون کي پسند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن سندس ماءُ پيءُ کيس چيو تہ ”تنهنجي مائٽن ۾ يا پنهنجي سڄيءَ قوم ۾ ڪا عورت ڪانهي ڇا، جو تون اڻ‌طهريل فلستين مان پرڻجڻ ٿو چاهين؟“ پر سمسون پنهنجي پيءُ کي چيو تہ ”مون کي اها وٺي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ اها مون کي پسند آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 14:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابرام لوط کي چيو تہ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، توڙي منهنجن ڌنارن ۽ تنهنجن ڌنارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿيڻ نہ گهرجي؛ ڇالاءِ جو پاڻ ڀائر آهيون.


پوءِ ابرهام رڍون ۽ ڏاند آڻي ابي ملڪ کي ڏنا، ۽ ٻنهي پاڻ ۾ عهد ڪيو.


سو هنن کي چيائون تہ اسان کان اهو ڪم ٿي ڪين سگهندو، جو پنهنجي ڀيڻ هڪڙي اڻ طهريل ماڻهوءَ کي ڏيون، اهو اسان تي مهڻو ٿيندو:


جات ۾ اها ڳالهہ نہ ٻڌاءِ، اسقلون جي گهٽين ۾ اها پڌري نہ ڪر؛ تہ متان فلستين جون ڌيئرون خوشيون ڪن، متان اڻطهريلن جون ڌيئرون فخر ڪن.


نہ تہ جيڪڏهن ڪنهن بہ رستي اوهين ڦري ويندا، ۽ انهن باقي رهيلن قومن سان، يعني انهن سان جي اوهان منجهہ رهيل آهن، گڏجي ويندا ۽ انهن سان شاديون ڪندا، ۽ هو اوهان مان شاديون ڪندا، ۽ اوهين هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا:


۽ هو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ وٽ آيو، ۽ چيائين تہ مون تمنت ۾ فلستين جي ڌيئرن مان هڪڙي زال ڏٺي آهي: تنهنڪري هاڻي انهيءَ کي وٺي مون سان پرڻايو.


۽ هن کي ڏاڍي اُڃ لڳي، ۽ خداوند کي پڪاري چيائين تہ تو پنهنجي ٻانهي جي هٿان هڪڙو وڏو ڇوٽڪارو ڏنو آهي: ۽ هاڻي آءٌ اُڃ کان مري وڃان، ۽ اڻ طهريلن جي هٿن ۾ وڃي پوان ڇا؟


۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هنن اڻ طهريلن جي فوج ۾ هلون: من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري: ڇالاءِ جو ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گهڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي


۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو، تہ پنهنجي ترار ڪڍ، ۽ منهنجي آرپار لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻطهريل اچن، ۽ مون کي ونڌي ڇڏين، ۽ مون کي بي عزت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين ڪرڻ نہ گهريو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو، تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي ترار کنئي ۽ انهي تي ڪري پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ