Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 13:8 - Sindhi Bible

8 تڏهن منوحہ خداوند کي منٿ ڪئي ۽ چيو تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جنهن پنهنجي ماڻهوءَ کي تو موڪليو هو، تنهن کي وري بہ اسان وٽ اچڻ ڏي، تہ اسان کي سيکاري تہ جيڪو ٻار ڄمي تنهن سان ڪهڙي هلت ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن منوحہ خداوند کان دعا گھري تہ ”اي مالڪ! جنهن ماڻهوءَ کي تو موڪليو هو، مهرباني ڪري تنهن کي وري بہ اسان وٽ موڪل، تہ اچي اسان کي ٻڌائي تہ ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ اسين ان ٻار سان ڪهڙي هلت ڪريون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 13:8
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي آءٌ نہ ٿو ڏسان سو تون مون کي سيکار: جيڪڏهن مون ڪو ڏوهہ ڪيو آهي تہ آءٌ اُهو وري ڪين ڪندس.


پر اُٿي بيهہ ۽ شهر ۾ وڃ، ۽ جيڪي ڪرڻو اٿيئي سو توکي ٻُڌائبو.


تڏهن منوحہ اُٿيو، ۽ پنهنجي زال جي پٺيان هليو، ۽ انهيءَ ماڻهو وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ تون اُهو ماڻهو آهين ڇا جنهن هن زال سان ڳالهايو هو؟ ۽ هن چيو تہ آءٌ اُهو آهيان.


۽ خداوند جي فرشتي انهيءَ زال کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ڏس، تون سنڍ آهين ۽ ٻار ڪونہ ٿي ڄڻين: پر تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ.


تڏهن انهيءَ زال اچي پنهنجي مڙس کي چيو تہ هڪڙو خدا جو ٻانهو مون وٽ آيو، ۽ انهيءَ جي شڪل خدا جي فرشتي جي شڪل جهڙي هئي، ۽ ڏاڍي خوفناڪ هئي، ۽ مون هن کان نہ پڇيو تہ ڪٿان ٿو اچين، نڪي هن مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو:


پر هن مون کي چيو تہ ڏس، تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ؛ ۽ تون شراب يا نشي جي شيءِ نہ پيئج، ۽ ڪابہ ناپاڪ شيءِ نہ کائج؛ ڇو جو اُهو ٻار ڄائي ڄم کان وٺي پنهنجي ساري ڄمار خدا جو نذير ٿيندو.


۽ خداوند منوحہ جي ڳالهہ مڃي؛ ۽ خدا جو فرشتو وري بہ انهيءَ زال وٽ آيو، جنهن وقت هوءَ ٻنيءَ ۾ ويٺي هئي: پر سندس مڙس منوحہ ساڻس گڏ نہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ