Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 13:6 - Sindhi Bible

6 تڏهن انهيءَ زال اچي پنهنجي مڙس کي چيو تہ هڪڙو خدا جو ٻانهو مون وٽ آيو، ۽ انهيءَ جي شڪل خدا جي فرشتي جي شڪل جهڙي هئي، ۽ ڏاڍي خوفناڪ هئي، ۽ مون هن کان نہ پڇيو تہ ڪٿان ٿو اچين، نڪي هن مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن انهيءَ عورت اچي پنهنجي مڙس کي ٻڌايو تہ ”هڪڙو خدا جو ٻانهو مون وٽ آيو. هن جي شڪل خدا جي ملائڪ جهڙي بيحد خوفائتي هئي. نڪي مون کانئس پڇيو تہ هو ڪٿان ٿو اچي، نہ ئي وري هن مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 13:6
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ ٽي ماڻهو پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺائين، ۽ انهن کي ڏسي، هو پنهنجي تنبوءَ جي در تان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو، ۽ جهڪي سجدو ڪيائين،


تڏهن يعقوب هن کي عرض ڪري کانئس پڇيو تہ مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ، ۽ هن چيو تہ تون منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين؟ پوءِ هن اتي کيس برڪت ڏني.


۽ هن زال ايلياہ کي چيو تہ، اي خدا جا ٻانها منهنجو توسان ڪهڙو ڪم آهي؟ تون مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ منهنجو گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارين!


۽ اُنهيءَ زال ايلياہ کي چيو تہ هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿي تہ تون خدا جو ٻانهو آهين، ۽ تنهنجي وات ۾ جو خدا جو ڪلام آهي سو سچو آهي.


۽ هن چيو تہ وري جڏهن هيءَ ساڳي موسم ايندي تڏهن پٽ تنهنجي گود ۾ هوندو. تڏهن هن چيس تہ نہ منهنجا سائين، تون خدا جو مرد آهين، پنهنجي ٻانهيءَ سان ڪوڙ نہ ڳالهاءِ.


۽ انهيءَ زال پنهنجي مڙس کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ پروڙيان ٿي تہ هي ڪو خدا جو پاڪ ٻانهو آهي جو هميشہ اسان وٽان لنگهندو آهي.


اتي هن کي هڪڙي ٻوڙي جي وچ ۾ خدا جو فرشتو باهہ ۾ ڏسڻ ۾ آيو؛ ۽ هن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ ٻوڙي ۾ باهہ پيئي ٻري، تڏهن بہ ٻوڙو سڙي رک نٿو ٿئي.


وري هيئن بہ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا، ابرهام جو خدا، اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا آهيان. تڏهن موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇو جو هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.


۽ هن مون کي چيو تہ اي داني ايل، گهڻو پيارا شخص، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان ٿو سي سمجهي وٺ، ۽ اُٿي سنئون ٿي بيهہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو ڏانهن موڪليو ويو آهيان: ۽ جڏهن هن مون کي ائين چيو، تڏهن آءٌ ڏڪندو اُٿي بيٺس.


تڏهن مون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ هڪڙو ماڻهو ڪتاني ڪپڙي جي پوشاڪ ۾ ڏٺم، جنهن جي چيلهہ کي اوفاز جي خالص سون جهڙو ڪمربند ٻڌل هو:


تنهن تي هو انهيءَ هنڌ کي ويجهو آيو جتي آءٌ بيٺو هوس؛ ۽ جڏهن هو آيو، تڏهن آءٌ ڊڄي ويس، ۽ منهن ڀر ڪِري پيس: پر هن مون کي چيو تہ، اي آدمزاد، سمجهہ؛ ڇالاءِ جو اُهو رويا پوئين زماني جو آهي.


تڏهن ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس تہ آئون جبرائيل آهيان، جو خدا جي حضوريءَ ۾ بيٺو رهندو آهيان، ۽ مون کي انهي لاءِ موڪليو اٿس تہ تو سان ڪلام ڪريان، ۽ توکي هيءَ خوشخبري ٻڌايان.


۽ دعا پئي گهُريائين، تہ سندس منهن جي شڪل بدلجي ويئي، ۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي، ۽ وڄ وانگر چمڪڻ لڳي.


۽ جيڪي مجلس ۾ ويٺا هئا، تن سڀني هن ڏانهن چتائي نهاريو، ۽ هن جو منهن کين ملائڪ جي منهن جهڙو ڏسڻ ۾ آيو.


خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳي بني اسرائيل کي جيڪا برڪت ڏني سا هيءَ آهي.


پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ.


تنهن کان پوءِ بني يهوداہ جلجال ۾ يشوع وٽ آيا: ۽ ڪالب بن يفنہ قنزي هن کي چيو تہ توکي انهيءَ ڳالهہ جي خبر آهي، تہ خدا جي ٻانهي موسيٰ کي، قادس برنيع ۾، خداوند منهنجي ۽ تنهنجي نسبت ۾ ڇا فرمايو هو.


۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،


۽ اُها زال تڪڙي ٿي، ۽ ڊوڙي وڃي پنهنجي مڙس کي چيائين تہ ڏس جيڪو ماڻهو انهي ڏينهن مون وٽ آيو هو، تنهن وري مون کي ڏيکاري ڏني آهي.


پوءِ منوحہ پنهنجي زال کي چيو تہ اسين ضرور مري وينداسين، ڇالاءِ جو اسان خدا کي ڏٺو آهي.


۽ خداوند جي فرشتي انهيءَ زال کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ڏس، تون سنڍ آهين ۽ ٻار ڪونہ ٿي ڄڻين: پر تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ.


پر هن مون کي چيو تہ ڏس، تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ؛ ۽ تون شراب يا نشي جي شيءِ نہ پيئج، ۽ ڪابہ ناپاڪ شيءِ نہ کائج؛ ڇو جو اُهو ٻار ڄائي ڄم کان وٺي پنهنجي ساري ڄمار خدا جو نذير ٿيندو.


تڏهن منوحہ خداوند کي منٿ ڪئي ۽ چيو تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جنهن پنهنجي ماڻهوءَ کي تو موڪليو هو، تنهن کي وري بہ اسان وٽ اچڻ ڏي، تہ اسان کي سيکاري تہ جيڪو ٻار ڄمي تنهن سان ڪهڙي هلت ڪريون.


۽ خداوند جو فرشتو آيو، ۽ جيڪو شاهہ بلوط جو وڻ عفرہ ۾ يوآس ابيعزريءَ جو هو، تنهن جي هيٺان ويٺو: ۽ سندس پٽ جدعون انهيءَ وقت شراب ڪڍڻ واري چيچڙي ۾ سنگن مان ڪڻڪ سٽي پئي ڪڍي، انهي لاءِ تہ اُها مديانين کان لڪائي.


۽ هڪڙو خدا جو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن تنهنجي پيءُ جو گهراڻو مصر ۾ فرعون جي گهراڻي جي ٻانهپ ۾ هو، تڏهن مون انهن کي ڏيکاري ڏني هئي يا نہ؟


۽ هن چيس تہ هاڻي ڏس، هن شهر ۾ هڪڙو خدا جو ٻانهو آهي، ۽ اُهو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي سڀ عزت ٿا ڏين؛ جيڪي هو چوي ٿو سو سڀ ٿيو پوي: هاڻي هل تہ اُتي هلون؛ شايد هو اسان کي ٻڌائي سگهي تہ ڪهڙو رستو وٺون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ