Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 13:5 - Sindhi Bible

5 ڇو جو تون پيٽ سان ٿيندينءَ، ۽ پٽ ڄڻيندينءَ؛ ۽ انهيءَ جي مٿي تي پاڪي نہ گهمائج: ڇالاءِ جو اُهو ٻار ڄائي ڄم کان خدا جو نذير ٿيندو: ۽ اُهو اسرائيل کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائڻ شروع ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ سبب جو تون پيٽ سان ٿي جيڪو پٽ ڄڻيندينءَ سو ڄائي ڄم کان ناذير يعني خدا لاءِ وقف ٿيندو، تنهنڪري سندس مٿي ۽ منهن جا وار ڪڏهن بہ نہ ڪوڙايا وڃن. هو بني اسرائيل کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائڻ شروع ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 13:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود فلستين کي شڪست ڏئي پنهنجي تابع ڪيو: ۽ دائود مکيہ شهر جي واڳ فلستين جي هٿن مان ڪڍي ورتي.


تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود فلستين کي شڪست ڏيئي پنهنجي تابع ڪيو: ۽ جات ۽ ان جا شهر فلستين کان هٿ ڪيائين.


۽ مون اوهانجن پٽن مان نبي، ۽ اوهانجن جوانن مان نذيري اُٿاريا. خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بني اسرائيل، ائين ناهي ڇا؟


هو پنهنجي مڃتا جي پرهيزگاريءَ واري عرصي ۾ پنهنجي مٿي تي پاڪي نہ گهمائي، جيسين ڪ اهي ڏينهن پورا ٿين، جن ۾ هن پاڻ کي خداوند جي لاءِ نذير ڪيو هجي. هو انهي عرصي ۾ پاڪ رهي، ۽ پنهنجي مٿي جا وار وڌڻ ڏئي.


ڇوتہ هو خداوند جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ۽ نڪو شراب ۽ نڪا نشي جي شيءِ پيئندو؛ ۽ ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندو.


تڏهن هن انهيءَ کي پنهنجي دل جي سڄي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس تہ منهنجي مٿي تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گهمي آهي، ڇالاءِ جو ماءُ جي پيٽ کان وٺي آءٌ خدا جو نذير ٿي رهيو آهيان: جيڪڏهن منهنجو مٿو ڪوڙيو ويندو تہ منهنجو زور مون مان هليو ويندو، ۽ آءٌ ڪمزور ٿي پوندس، ۽ هڪڙي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.


۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي.


انهي طرح فلستي جيتجي ويا، ۽ وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي سرحد اندر نہ آيا: ۽ سموئيل جي سڀني ڏينهن ۾ خداوند جو هٿ فلستين جي برخلاف هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ