Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 13:3 - Sindhi Bible

3 ۽ خداوند جي فرشتي انهيءَ زال کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ڏس، تون سنڍ آهين ۽ ٻار ڪونہ ٿي ڄڻين: پر تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هڪ ڏينهن خداوند جي ملائڪ انهيءَ عورت کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”جيتوڻيڪ تون سنڍ آهين ۽ ٻار ڪونہ ٿي ڄڻين، تڏهن بہ تون جلد پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 13:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ سندس پيٽان توکي هڪڙو پٽ ڏيندس. هائو، آئون هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي، ۽ اُمت جا بادشاهہ منجهانئس پيدا ٿيندا.


هن چيو تہ جڏهن وري هيءَ بهار جي مند ايندي، تڏهن آءٌ ضرور تو وٽ موٽي ايندس ۽ ڏس، تنهنجيءَ زال سارہ کي پٽ ڄمندو. ۽ هن جي پٺيان تنبوءَ جو در هو، اُتان سارہ هيءَ ڳالهہ ٻڌي.


خداوند جي لاءِ ڪابہ ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ وري هيءَ ساڳي مند ايندي، تڏهن ٺهرايل وقت تي آءٌ تو وٽ موٽي ايندس، ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.


۽ هن چيو تہ وري جڏهن هيءَ ساڳي موسم ايندي تڏهن پٽ تنهنجي گود ۾ هوندو. تڏهن هن چيس تہ نہ منهنجا سائين، تون خدا جو مرد آهين، پنهنجي ٻانهيءَ سان ڪوڙ نہ ڳالهاءِ.


۽ خداوند جي ملائڪ، لوبان واري قربانگاهہ جي ساڄي پاسي بيهي، هن کي ڏيکاري ڏني.


پر ملائڪ چيس تہ اي زڪرياہ، ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو تنهنجو سوال اگهاڻو آهي، ۽ تنهنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يوحنا رکج.


۽ اُها زال تڪڙي ٿي، ۽ ڊوڙي وڃي پنهنجي مڙس کي چيائين تہ ڏس جيڪو ماڻهو انهي ڏينهن مون وٽ آيو هو، تنهن وري مون کي ڏيکاري ڏني آهي.


تڏهن منوحہ خدا جي فرشتي کي چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ تون ايترو اسان وٽ ترس جيتري ۾ آءٌ تنهنجي لاءِ هڪڙو ڇيلو تيار ڪري وٺان.


تڏهن انهيءَ زال اچي پنهنجي مڙس کي چيو تہ هڪڙو خدا جو ٻانهو مون وٽ آيو، ۽ انهيءَ جي شڪل خدا جي فرشتي جي شڪل جهڙي هئي، ۽ ڏاڍي خوفناڪ هئي، ۽ مون هن کان نہ پڇيو تہ ڪٿان ٿو اچين، نڪي هن مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو:


تڏهن منوحہ خداوند کي منٿ ڪئي ۽ چيو تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جنهن پنهنجي ماڻهوءَ کي تو موڪليو هو، تنهن کي وري بہ اسان وٽ اچڻ ڏي، تہ اسان کي سيکاري تہ جيڪو ٻار ڄمي تنهن سان ڪهڙي هلت ڪريون.


۽ خداوند جو فرشتو جلجال مان بوڪيم ۾ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ آندو اٿم جنهن جي بابت اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هوم؛ ۽ اوهان سان ڪيل پنهنجو عهد اقرار ڪڏهن بہ نہ ڀڃندس:


تڏهن خداوند هن تي نگاهہ ڪئي، ۽ چيائينس تہ انهيءَ پنهنجي زور ۾ وڃي اسرائيل کي مديانين جي هٿن مان ڇڏاءِ: مون توکي نہ موڪليو آهي ڇا؟


۽ هيئن ٿيو تہ پوري وقت تي حنہ پيٽ سان ٿي، ۽ پٽ ڄڻيائين؛ ۽ هن انهي جو نالو سموئيل رکيو، ڇالاءِ جو چيائين تہ مون هن کي خداوند کان گهري ورتو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ