8 انهيءَ کان پوءِ ابصان بيت الحمي اسرائيل جو قاضي ٿيو.
8 افتاح کان پوءِ بيتلحم وارو ابصان بني اسرائيل جو رهبر بڻيو.
يعني قيني، قنزي، قدموني
پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.
هاڻي جڏهن يسوع يهوديہ واري بيت الحم ۾ هيروديس بادشاهہ جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيو، تڏهن ڏسو، اُڀرندي کان مجوسي يروشلم ۾ آيا،
۽ قطاٿ، ۽ نحلال، ۽ سمرون، ۽ ادالہ، ۽ بيت الحم: ٻارهن شهر ڳوٺن سميت.
ابيملڪ کان پوءِ اسرائيل جي بچائڻ لاءِ اشڪار جو هڪڙو ماڻهو، تولع، بن فوہ، بن دودو اُٿيو، جو افرائيم جي ڪوهستان ۾ سمير منجهہ رهندو هو.
۽ افتاح ڇهہ سال اسرائيل جو قاضي ٿي رهيو. پوءِ افتاح جلعادي وفات ڪئي ۽ جلعاد جي شهرن مان هڪڙي ۾ دفن ڪيو ويو.
۽ انهيءَ کي ٽيهہ پٽ هئا؛ ۽ هن ٽيهہ ڌيئرون ڌارين ۾ پرڻايون، ۽ پنهنجن پٽن لاءِ ٽيهہ ڇوڪريون ڌارين مان آندائين. اُهو ست سال اسرائيل جو قاضي هو.
۽ بيت لحم يهوداہ مان، يهوداہ جي قبيلي جو هڪڙو جوان ماڻهو جو لاوي هو، اُهو اچي اُتي رهيو.
انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو، ۽ هيئن ٿيو تہ افرائيم جي ڪوهستان جي پرين پاسي هڪڙو لاوي رهندو هو، جنهن بيت لحم يهوداہ جي هڪڙي زال سريت ڪري پاڻ وٽ رکي هئي.
۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڪيستائين تون سائول جي لاءِ افسوس ڪندين، جڏهن ڏسين ٿو تہ مون هن کي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي؟ پنهنجو سڱ تيل سان ڀر ۽ وڃ، آءٌ توکي بيت لحم واري يسيءَ ڏي موڪليندس: ڇالاءِ جو مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي لاءِ بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.