Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 12:5 - Sindhi Bible

5 ۽ جلعادين افرائيمين کي روڪڻ لاءِ يردن جا لنگهہ وڃي جهليا: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن افرائيم جي ڀڳلن مان ڪنهن اچي ٿي چيو تہ مون کي پار لنگهڻ ڏيو، تڏهن جلعاد جي ماڻهن هن کي ٿي چيو تہ تون افرائيمي آهين ڇا؟ جي هن ٿي چيو تہ نہ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جِلعادين افرائيمين کي روڪڻ لاءِ اردن درياءَ جا گھٽ وڃي جھليا ۽ جڏهن ڪنهن افرائيمي ڀڳوڙي اچي ٿي چيو تہ ”مون کي پار ٽپڻ ڏيو،“ تڏهن جِلعاد جي ماڻهن کانئس پڇيو ٿي تہ ”تون افرائيمي آهين ڇا؟“ جيڪڏهن هن ٿي چيو تہ ”نہ،“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 12:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن انهن کي چيو تہ منهنجي پٺيان اچو: ڇالاءِ جو خدا اوهانجن دشمنن يعني موآبين کي، اوهان جي هٿ ۾ ڏنو آهي، ۽ هو انهيءَ جي پٺيان لهي ويا، ۽ وڃي يردن جي گهيرن وٽ، موآبين جا گهٽ جهليائون، ۽ هڪڙي ماڻهو کي بہ پار لنگهڻ نہ ڏنائون.


۽ بني اسرائيل ان جي خبر ٻڌي تہ ڏسو، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڪنعان جي ملڪ جي اڳ واري پاسي، يردن جي ويجهو، يعني بني اسرائيل واري پاسي، هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي آهي.


۽ جدعون افرائيم جي سڄي ڪوهستان ۾ قاصد موڪلي چوايو، تہ مديانين سان وڙهڻ لاءِ هلي اچو، ۽ هنن جو اڳ جهلي بيت برہ تائين، پاڻيءَ جون جايون هٿ ڪريو. انهي موجب سڀ افرائيم جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ بيت برہ ۽ يردن تائين پاڻيءَ تي قبضو ڪيائون.


۽ هو ماڻهو انهن جي پٺيان پيا، ۽ يردن جي گهير تائين ويا: جيئن اُهي نڪتا تيئن هنن شهر جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.


تڏهن افتاح جلعاد جا سڀ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ افرائيم سان جنگ ڪيائين: ۽ جلعاد جي ماڻهن افرائيم کي شڪست ڏني، ڇو جو هنن چيو تہ اوهين جلعادي، جي افرائيم ۽ منسيءَ جي وچ ۾ ٿا رهو، سي افرائيم مان ڀڳل آهيو.


تہ هنن ٿي چيس تہ تڏهن هاڻي چئُہ سبولت؛ ۽ هن چيو ٿي سبولت؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ لفظ جو اُچار برابر ڪري نٿي سگهيو؛ تنهن تي هو هنن کي جهلي يردن جي لنگهن تي قتل ڪندا هئا: انهيءَ وقت افرائيم جا ٻائيتاليهہ هزار ماڻهو قتل ٿي ويا.


۽ بيت لحم يهوداہ مان، يهوداہ جي قبيلي جو هڪڙو جوان ماڻهو جو لاوي هو، اُهو اچي اُتي رهيو.


هاڻي افرائيم جي ڪوهستان ۾ راماتيم صوفيم جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ انهي جو نالو هو القانہ، بن يروحام، بن اليهو، بن توحو، بن صوف، جو افرائيمي هو.


۽ يربعام بن نباط، صريدہ جو هڪڙو افرائيمي، جو سليمان جو نوڪر هو، ۽ جنهن جي ماءُ جو نالو صروعہ هو، جا رن زال هئي، تنهن بہ بادشاهہ جي برخلاف پنهنجو هٿ کنيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ