Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 12:4 - Sindhi Bible

4 تڏهن افتاح جلعاد جا سڀ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ افرائيم سان جنگ ڪيائين: ۽ جلعاد جي ماڻهن افرائيم کي شڪست ڏني، ڇو جو هنن چيو تہ اوهين جلعادي، جي افرائيم ۽ منسيءَ جي وچ ۾ ٿا رهو، سي افرائيم مان ڀڳل آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن افرائيمين کيس چيو تہ ”اوهين جِلعادي جيڪي بني افرائيم ۽ بني منسيءَ منجھہ رهو ٿا سي افرائيم جا ئي ڀڳوڙا آهيو.“ تنهن تي افتاح جِلعاد ملڪ جا سڀ ماڻهو گڏ ڪري بني افرائيم سان جنگ ڪئي ۽ کين شڪست ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 12:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ايلياہ تشبي، جو جلعاد جي رهاڪن مان هو، تنهن اخي آب کي چيو تہ خداوند اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ منهنجي چئي بنا هنن ورهين ۾ ماڪ يا مينهن نہ پوندو.


اي اسان جا خدا ٻڌ؛ ڇالاءِ جو اسين ڌڪاريل آهيون: هنن جو طعنو ڦيرائي هنن جي مٿي تي آڻ، ۽ هنن کي قيد جي ملڪ ۾ ڦرلٽ ۾ ڏيئي ڇڏ:


بني افرائيم هٿيار ٻڌا ۽ ڪمانون کنيون، پر جنگ جي ڏينهن پٺ ڏيئي ڀڳا.


چپن جي گنهگاريءَ ۾ خراب ڦانڌو آهي: پر سچو ماڻهو تڪليف مان نڪري ايندو.


نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي: پر ڏکوئيندڙ ڳالهہ ڪاوڙ پيدا ڪري ٿي.


جلعاد جي بزرگن افتاح کي چيو تہ انهيءَ لاءِ خداوند اسان جي وچ ۾ شاهد رهندو؛ يقين ڄاڻ تہ جيئن تون چوين ٿو، تيئن اسين ڪنداسين.


۽ جڏهن مون ڏٺو تہ اوهان مون کي نہ بچايو، تڏهن آءٌ پنهنجي جان پنهنجي هٿ تي کڻي بني عمون سان وڙهڻ لاءِ ويس، ۽ خداوند هنن کي منهنجي هٿ ۾ ڏنو: تڏهن ڇو اوهين اڄ مون سان وڙهڻ لاءِ آيا آهيو؟


۽ جلعادين افرائيمين کي روڪڻ لاءِ يردن جا لنگهہ وڃي جهليا: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن افرائيم جي ڀڳلن مان ڪنهن اچي ٿي چيو تہ مون کي پار لنگهڻ ڏيو، تڏهن جلعاد جي ماڻهن هن کي ٿي چيو تہ تون افرائيمي آهين ڇا؟ جي هن ٿي چيو تہ نہ؛


۽ نابال ورندي ڏئي دائود جي نوڪرن کي چيو، تہ دائود ڪير آهي؟ ۽ يسيءَ جو پٽ ڪير آهي؟ اڄ ڪلهہ ڪيترائي اهڙا نوڪر آهن جي پنهنجي پنهنجي ڌڻيءَ کان ڇڄي ڌار ٿا ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ