Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 12:3 - Sindhi Bible

3 ۽ جڏهن مون ڏٺو تہ اوهان مون کي نہ بچايو، تڏهن آءٌ پنهنجي جان پنهنجي هٿ تي کڻي بني عمون سان وڙهڻ لاءِ ويس، ۽ خداوند هنن کي منهنجي هٿ ۾ ڏنو: تڏهن ڇو اوهين اڄ مون سان وڙهڻ لاءِ آيا آهيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ جڏهن مون ڏٺو تہ اوهان مدد لاءِ نہ ايندءُ، تڏهن آءٌ پنهنجو سر تريءَ تي رکي بني عمون سان وڙهڻ لاءِ پار ويس، تڏهن خداوند مون کي انهن تي سوڀ ڏني. هاڻ ڇو اوهين اڄ مون سان وڙهڻ لاءِ آيا آهيو؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 12:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏسو، خدا اسان ساڻ آهي، ۽ اسان جو سردار آهي، ۽ هن جا ڪاهن اوهان جي برخلاف زور سان قرنائون وڄائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. اي بني اسرائيليو، خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو؛ ڇالاءِ جو اوهين فتحياب نہ ٿيندا.


ڇالاءِ آءٌ پنهنجو ماس پنهنجي ڏندن ۾ جهليان، ۽ پنهنجي حياتي پنهنجي هٿ ۾ وجهان؟


منهنجو ساهہ هميشہ منهنجي مٺ ۾ آهي؛ تڏهن بہ آءٌ تنهنجي شريعت کي نٿو وساريان.


جي منهنجي حياتيءَ جي لاءِ پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ تيار هئا، تن جو نہ فقط آئون شڪرگذار آهيان، پر غير قومن جو سڀ ڪليسيائون بہ.


۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.


تنهنڪري مون اوهان جو گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، پر تون مون سان ناحق ٿو ڪرين جو مون سان جنگ ٿو ڪرين: خداوند، جو منصف آهي، سو ڀلي تہ اڄ بني اسرائيل ۽ بني عمون جي وچ ۾ انصاف ڪري.


تڏهن افتاح هنن کي چيو تہ منهنجو ۽ منهنجي قوم جو بني عمون سان ڏاڍو جهيڙو هو، ۽ جڏهن مون اوهان کي ڪوٺيو تڏهن اوهان مون کي هنن جي هٿان اچي نہ ڇڏايو.


تڏهن افتاح جلعاد جا سڀ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ افرائيم سان جنگ ڪيائين: ۽ جلعاد جي ماڻهن افرائيم کي شڪست ڏني، ڇو جو هنن چيو تہ اوهين جلعادي، جي افرائيم ۽ منسيءَ جي وچ ۾ ٿا رهو، سي افرائيم مان ڀڳل آهيو.


(ڇالاءِ جو منهنجو پيءُ اوهان جي لاءِ وڙهيو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين، ۽ اوهان کي مديانين جي هٿن مان ڇڏايائين:


ڇالاءِ جو هن پنهنجو ساهہ تري تي رکي هن فلستيءَ کي ماريو، ۽ خداوند ساري اسرائيل کي هڪڙي وڏي فتح حاصل ڪرائي: تو پاڻ اها ڏٺي ۽ خوشي ظاهر ڪئي: تڏهن ڇو هن بيگناهہ جو رت هارڻ ٿو گهرين ۽ بي سبب هن کي مارائڻ ٿو گهرين؟


پوءِ اُها زال سائول وٽ آئي، ۽ هن کي ڏاڍو پريشان ڏسي چيائينس تہ ڏس، تنهنجي ٻانهيءَ تنهنجي ڳالهہ مڃي آهي، ۽ مون پنهنجو ساهہ تريءَ تي رکي جيڪي تو مون کي چيو سو مون مڃيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ