Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 12:1 - Sindhi Bible

1 ۽ افرائيم جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ لنگهي اُتر ڏانهن ويا، ۽ هنن افتاح کي چيو تہ ڇو تون بني عمون سان وڙهڻ لاءِ وئين، ۽ اسان کي پاڻ سان هلڻ لاءِ نہ چيئِہ؟ اسين تنهنجو گهر تو سميت باهہ سان ساڙي ڪيرائي وجهنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تڏهن افرائيم جا ماڻهو جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. هو اردن درياءُ پار ڪري صفون علائقي ڏانهن ويا ۽ اتي افتاح کي چيائون تہ ”تون اسان کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ سڏڻ کان سواءِ ڇو بني عمون سان وڙهڻ لاءِ وئين؟ هاڻي اسين تو کي تنهنجي گھر سميت ساڙيون ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 12:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُهي منهنجي پيار جي عيوض مون سان دشمني ٿا ڪن، پر آءٌ دعا ۾ مشغول ٿو رهان.


تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


جڏهن افرائيم ڳالهايو تڏهن ڏڪڻي پئجي ويئي؛ هن پاڻ کي اسرائيل ۾ وڏو چوايو: پر جڏهن هن بعل جي ڪري گناهہ ڪيو، تڏهن هو مري ويو.


۽ جيڪڏهن ڪنهن بادشاهت ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي، تہ اُها بادشاهت جٽاءُ ڪري نٿي سگهي.


يسوع کين جواب ڏنو، تہ مون پيءُ جي طرفان ڪيترائي چڱا ڪم اوهان کي ڏيکاريا آهن، پوءِ انهن مان ڪهڙو ڪم آهي، جنهن سبب اوهين مون کي سنگسار ٿا ڪريو؟


ڇالاءِ جو جتي حسد ۽ نفاق آهي، اتي فساد ۽ هر طرح جو بڇڙو ڪم بہ ٿو ٿئي.


تہ اسرائيلي ڇوڪريون هر سال چار ڏينهن افتاح جلعاديءَ جي ڌيءَ جي يادگاري قائم ڪرڻ لاءِ روئنديون هيون.


تڏهن افتاح هنن کي چيو تہ منهنجو ۽ منهنجي قوم جو بني عمون سان ڏاڍو جهيڙو هو، ۽ جڏهن مون اوهان کي ڪوٺيو تڏهن اوهان مون کي هنن جي هٿان اچي نہ ڇڏايو.


۽ ستين ڏينهن هيئن ٿيو تہ هنن سمسون جي زال کي چيو تہ پنهنجي مڙس کي ڌتار تہ هو اسان کي اها پرولي سلي ٻڌائي، نہ تہ اسين توکي، ۽ تنهنجي پيءُ جي گهر کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏينداسين: اوهان اسان کي انهيءَ لاءِ ڪوٺيو ڇا تہ اسان کي ڦري غريب ڪري ڇڏيو؟ ائين ناهي ڇا؟


تڏهن فلستي چوڻ لڳا تہ هي ڪم ڪنهن ڪيو آهي؟ ۽ هنن چيو تہ اهو تمنت جي ناٺيءَ سمسون ڪيو آهي، ڇو جو هن انهي جي زال وٺي سندس سنگتيءَ کي ڏيئي ڇڏي آهي، ۽ فلستين اچي انهيءَ زال ۽ سندس پيءُ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو.


۽ افرائيم جي ماڻهن هن کي چيو تہ ڇالاءِ تو اسان سان اهڙي هلت ڪئي آهي، جو جڏهن تون مديانين سان وڙهڻ لاءِ وئين، تڏهن اسان کي نہ سڏيَئِي؟ ۽ هو انهيءَ سان تکو ڳالهائڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ