Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 11:8 - Sindhi Bible

8 تڏهن جلعاد جي بزرگن افتاح کي چيو تہ اسين انهيءَ لاءِ تو وٽ موٽي آيا آهيون تہ تون اسان سان گڏجي هل، ۽ هلي بني عمون سان وڙهہ، ۽ جلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن جِلعاد جي اڳواڻن افتاح کي چيو تہ ”اسان انهيءَ لاءِ تو ڏانهن رخ ڪيو آهي تہ تون اسان سان گڏجي هل ۽ بني عمون سان وڙهڻ ۾ اسان جي اڳواڻي ڪر. پوءِ تون اسان جِلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار ٿيندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 11:8
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ اُنهي خدا جي ٻانهي کي ورندي ڏيئي چيو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کي خير جو سوال ڪر ۽ منهنجي لاءِ اُنهيءَ کان دعا گهر تہ مون کي پنهنجو هٿ وري ملي. تڏهن انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کي سوال ڪيو ۽ بادشاهہ کي پنهنجو هٿ موٽي مليو، ۽ جهڙو اڳي هو اهڙو ئي ٿي پيو.


تنهنڪري هاڻي آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ رڳو هن ڀيري منهنجو گناهہ معاف ڪريو، ۽ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهرو تہ هي موت مون کان هٽائي.


تڏهن فرعون چيو تہ آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس تہ ڀلي بيابان ۾ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيو: پر تمام پري نہ وڃجو ۽ منهنجي لاءِ بہ دعا گهرجو.


تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اوهين خداوند کي عرض ڪريو تہ هي ڏيڏر مون تان، ۽ منهنجن ماڻهن تان دفع ڪري، ۽ آءٌ انهن ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهين.


اوهين خداوند کان دعا گهرو ڇالاءِ جو هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. هاڻي آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس، ۽ اوهان کي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو.


۽ جلعاد جي ماڻهن ۽ اميرن هڪ ٻئي کي چيو تہ اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو بني عمون سان لڙائي شروع ڪندو؟ اُهوئي جلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار ٿيندو.


۽ افتاح جلعاد جي بزرگن کي چيو تہ جيڪڏهن اوهين مون کي بني عمون سان وڙهڻ لاءِ گهر وٺي هلندا، ۽ جي خداوند انهن کي منهنجي حوالي ڪندو تہ پوءِ اوهين مون کي پنهنجو سردار ڪندا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ