4 ۽ ٿوري وقت کان پوءِ هيئن ٿيو جو بني عمون اسرائيل سان جنگ ڪئي.
4 جڏهن بني عمون بني اسرائيل سان جنگ جوٽي،
پوءِ بني عمون اچي گڏ ٿيا ۽ جلعاد ۾ منزل هنيائون. ۽ بني اسرائيل بہ گڏ ٿيا ۽ مصفاہ ۾ منزل هنيائون.
۽ جلعاد جي ماڻهن ۽ اميرن هڪ ٻئي کي چيو تہ اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو بني عمون سان لڙائي شروع ڪندو؟ اُهوئي جلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار ٿيندو.
۽ بني عمون يردن لنگهي، يهوداہ ۽ بنيمين ۽ افرائيم جي گهراڻي سان بہ وڃي وڙهيا، جنهنڪري اسرائيلي ڏاڍا تنگ ٿيا.
۽ جڏهن بني عمون اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لڳا، تڏهن جلعاد جا بزرگ افتاح کي طوب جي ملڪ مان وٺي اچڻ لاءِ ويا.
تنهن کان پوءِ ناحس عموني آيو، ۽ يبيس جلعاد جي سامهون اچي منزل ڪيائين: ۽ يبيس جي سڀني ماڻهن ناحس کي چيو، تہ اسان سان عهد ڪر تہ پوءِ اسين تنهنجي خدمت چاڪري ڪريون.