Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 11:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن افتاح پنهنجن ڀائرن کان ڀڄي وڃي طوب جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو: ۽ افتاح وٽ گهڻا ئي لچ لفنگ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ ساڻس گڏجي ٻاهر وڃڻ ۽ گهمڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن افتاح پنهنجي ڀائرن وٽان ڀڄي وڃي طوب علائقي ۾ رهڻ لڳو. اتي هن ڪن لچن‌لفنگن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ اهي ساڻس گڏجي ٻاهر وارداتون ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 11:3
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود اسان سان نفرت ٿو ڪري، تڏهن بني عمون ماڻهو موڪلي بيت رحوب جا ارامي، ۽ ضوباہ جا ارامي، ويهہ هزار پيادا، ۽ معڪہ جو بادشاهہ هڪ هزار ماڻهن سان، ۽ طوب جا ٻارهن هزار ماڻهو، اُجوري تي گهرائي ورتا.


۽ بني عمون ٻاهر نڪري آيا، ۽ دروازي جي لنگهہ وٽ جنگ جي لاءِ صفون ٻڌڻ لڳا: ۽ ضوباہ ۽ رحوب جا ارامي، ۽ طوب ۽ معڪہ جا ماڻهو ميدان تي اڪيلا هئا.


پر يهودين حسد جي ڪري ڪي بازاري بدمعاش پاڻ سان وٺي گڏ ڪري شهر ۾ آڻي گڙٻڙ مچائي؛ ۽ ياسون جي گهر تي ڪاهي آيا، تہ انهن کي خلق جي اڳيان وٺي اچن.


۽ جلعاد جي زال بہ هن کي پٽ ڄڻي ڏنا؛ ۽ جڏهن سندس زال جا پٽ وڏا ٿيا، تڏهن هنن افتاح کي هڪالي ڪڍيو، ۽ چيائونس تہ توکي اسان جي پيءُ جي گهر ۾ ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، ڇالاءِ جو تون ٻيءَ زال جو پٽ آهين.


۽ هنن بعل بريت جي گهر مان ستر چانديءَ جا سڪا ڪڍي آندا، جن سان ابيملڪ بيهودا ۽ خسيس ماڻهو ڀاڙي ڪيا، جي سندس پوئلڳ ٿيا.


۽ جيڪو ڪنهن تنگيءَ ۾ هو؛ ۽ جيڪو قرضي هو، ۽ جيڪو ڏکويل هو، سي سڀ اچي وٽس گڏ ٿيا؛ ۽ هو انهن جو سردار ٿيو: انهي طرح اٽڪل چار سؤ ماڻهو ساڻس شامل ٿيا.


پوءِ دائود اُٿيو، ۽ جيڪي ڇهہ سؤ ماڻهو ساڻس هئا تن سميت لنگهي جات جي بادشاهہ معوڪ جي پٽ اڪيس وٽ ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ