Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 10:6 - Sindhi Bible

6 ۽ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ بعليم ۽ عستارات جي، ۽ ارام جي معبودن، ۽ صيدا جي معبودن، ۽ موآب جي معبودن، ۽ بني عمون جي معبودن، ۽ فلستين جي معبودن جي عبادت ڪرڻ لڳا؛ ۽ هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو، ۽ انهي جي عبادت نٿي ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو بعل ۽ عستارات معبودن ۽ ارام، صيدا، موآب، بني عمون ۽ فلستين جي معبودن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن خداوند کان منهن موڙيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 10:6
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ صيدونين جي ديوي عستارات، ۽ موآب جي معبود ڪموس، ۽ بني عمون جي معبود ملڪوم کي سجدو ڏنو آهي؛ ۽ هو منهنجن رستن تي نہ هليا آهن، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو نہ ڪيو اٿن، ۽ نہ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن فيصلن جي سنڀال ڪئي اٿن، جيئن هن جي پيءُ دائود ٿي ڪئي.


ڇالاءِ جو سليمان صيدونين جي ديوي عستارات، ۽ عمونين جي ڪراهت جهڙي بت ملڪوم جي پٺيان هلڻ لڳو.


تڏهن سليمان يروشلم جي اڳيان جيڪو جبل آهي، تنهن ۾ موآب جي بت ڪموس لاءِ، ۽ بني عمون جي بت مولڪ لاءِ، هڪڙي مٿانهين جاءِ جوڙائي.


۽ هيئن ٿيو تہ ڄڻ يربعام بن نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي هلڪي ڳالهہ نظر ٿي آئي، جو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي، ۽ وڃي بعل جي خدمت ڪيائين، ۽ اُنهيءَ کي سجدو ڪيائين.


۽ هنن خداوند پنهنجي خدا جا سڀ حڪم ڇڏي ڏنا، ۽ پنهنجي لاءِ پلٽيل بت جوڙيائون، يعني ٻہ گابا، ۽ يسيرتون جوڙيائون، ۽ آسمان جي سڀني تارن جي پوڄا ڪيائون، ۽ بعل جي عبادت ڪيائون.


۽ جيڪي قربانگاهون يروشلم جي اڳيان هيون، جي بربادي واري جبل جي سڄي هٿ پاسي، اسرائيل جي بادشاهہ سليمان صيدانين جي ڪراهت جهڙي بت عستارات، ۽ موآب جي ڪراهت جهڙي بت ڪموس، ۽ بني عمون جي ڪراهت جهڙي بت ملڪوم جي لاءِ جوڙايون هيون، تن کي بادشاهہ پليت ڪرائي ڇڏيو.


ڇالاءِ جو هن دمشق جي معبودن جي لاءِ قربانيون ڪيون جن هن کي شڪست ڏني هئي: ۽ هن چيو تہ سامريہ جي بادشاهن جي معبودن انهن کي واهر ڪئي، تنهنڪري آءٌ انهن جي لاءِ قربانيون ڪندس تہ هو منهنجي بہ واهر ڪن. پر انهي ڪري، هنن پاڻ کيس ۽ ساري اسرائيل کي ناس ڪري ڇڏيو.


۽ انهن جي بتن جي عبادت ڪيائون جي انهن جي لاءِ ڦندو ٿي پيا.


اي صيدا، تون شرمندو ٿيءُ: ڇالاءِ جو سمنڊ، يعني سمنڊ جي مضبوط قلعي، ڳالهايو آهي، ۽ چيو اٿس تہ نہ مون کي سور ٿيا نہ مون ڪي ڄڻيو، ۽ نہ مون جوان مڙس نپايا، ۽ نہ مون ڪنواريون ڇوڪريون پالي وڏيون ڪيون.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم ٻہ خرابيون ڪيون آهن؛ مون جيئري پاڻيءَ جي چشمي کي هنن ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ حوض، بلڪ ڀڳل حوض ٽڪي ٺاهيا اٿن جي پاڻي جهلي نٿا سگهن.


ڇالاءِ جو قديم وقت کان مون تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، ۽ تنهنجا بند خلاص ڪري ڇڏيا اٿم؛ ۽ تو چيو تہ آءٌ خدمت نہ ڪنديس؛ ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ تو ڪنڃريءَ وانگي پاڻ کي جهڪايو آهي.


۽ هنن اچي اُها هٿ ڪئي؛ پر هنن تنهنجو حڪم نہ مڃيو، نڪي هو تنهنجي شريعت تي هليا؛ جيڪي حڪم تو هنن کي ڏنا تن مان ڪوبہ هنن بجا نہ آندو: تنهن ڪري تو هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي:


ارامي تنهنجي دستڪاري وٿن جي گهڻائيءَ ڪري تنهنجا سوداگر هئا: هو تنهنجن وٿن لاءِ زمرد، قرمز ۽ چڪندوزي ڪم ۽ عمدو سنهو ڪپڙو ۽ مرجان ۽ لعلون ڏيندا هئا.


جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ، يعني تنهنجيءَ ماءُ جو پٽ، يا تنهنجو پٽ، يا تنهنجي ڌيءَ، يا تنهنجي دلگهري زال، يا تنهنجو جاني دوست توکي ڳجهيءَ طرح لالچائي، ۽ اهڙن معبودن جي عبادت ڪرڻ جي لاءِ چوي، جن جي توکي ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هجي،


تڏهن بہ تون انهن جي ڳالهہ تي راضي نہ ٿج، نڪي انهن جو چوڻ ٻڌج؛ تون انهي تي قياس نہ ڪج، نڪي انهي سان ڪا مروت ڪج، نڪي انهي کي لڪائج:


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ سمهي پوندين؛ ۽ ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ جي لاءِ وڃن ٿا، اُتي جي ڌارين معبودن جي پيروي ڪري زناڪاري ڪندا، ۽ مون کي ڇڏي ڏيندا، ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ڪيو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


تڏهن انهي ڏينهن مون کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي ڏيندس، ۽ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ اهي کاڄ ٿي ويندا، ۽ گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون مٿن اينديون؛ جنهن ڪري انهي ڏينهن اهي چوندا، تہ هي خرابيون اسان تي انهي ڪري نہ آيون آهن ڇا جو اسان جو خدا اسان منجهہ ڪونهي.


پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.


۽ اڌ جلعاد، ۽ عستارات، ۽ ادرعي، بسن ۾ عوج جي بادشاهت جا شهر، اهي منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد جي ملڪيت هئا، يعني مڪير جي اڌ گهراڻي جي، سندن قبيلن موجب.


۽ يائير وفات ڪئي ۽ قامون ۾ دفن ڪيو ويو.


جيڪي تنهنجي معبود ڪموس توکي ورثو ڪري ڏنو آهي سو تون جيڪر هٿ نہ ڪرين ڇا؟ انهي طرح جنهن کي خداوند اسان جي هٿان ڦرايو آهي، تن کي اسين ضرور هٿ آڻينداسين.


۽ بني اسرائيل وري اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ ۽ خداوند انهن کي چاليهن سالن تائين فلستين جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


۽ فلستين جا سردار اچي گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي معبود دجون لاءِ هڪڙي وڏي قرباني چاڙهين، ۽ خوشيون ڪن: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسان جي معبود اسان جي دشمن سمسون کي اسان جي هٿ ۾ ڏنو آهي.


۽ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو، ۽ بعليم ۽ يسيرتن جي عبادت ڪرڻ لڳا.


۽ اهود جي وفات ڪرڻ کان پوءِ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا، جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


پوءِ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: ۽ خداوند انهن کي ست ورهيہ مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


۽ هيئن ٿيو جو جدعون جي مرڻ شرط، بني اسرائيل وري بہ ڦري ويا، ۽ بعليم جي پٺيان زناڪاري ڪرڻ لڳا، ۽ بعل بريت جي عبادت ڪرڻ لڳا.


۽ فلستين خدا جي صندوق کي دجون جي گهر آندو، ۽ دجون جي پاسي ۾ رکي ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ