Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 10:4 - Sindhi Bible

4 ۽ انهيءَ کي ٽيهہ پٽ هئا، جي ٽيهن کودڙن تي چڙهندا هئا، ۽ انهن کي ٽيهہ شهر هئا، جي اڄ ڏينهن تائين حووت يائير سڏبا آهن، ۽ جلعاد جي ملڪ ۾ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 يائير کي ٽيهہ پٽ هئا ۽ انهن سڀني کي سواريءَ لاءِ پنهنجو پنهنجو گڏهہ هو. انهن کي جِلعاد علائقي ۾ ٽيهہ شهر هئا جيڪي اڄ ڏينهن تائين يائير جا ڳوٺ سڏبا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 10:4
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ انهن شين مان تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ ۽ ضيبا چيو تہ گڏهہ بادشاهہ جي گهر جي ڀاتين جي سواري لاءِ آهن، ۽ ماني ۽ آرڙهہ وارا ميوا جوان ماڻهن جي کائڻ لاءِ آهن؛ ۽ شراب انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي بيابان ۾ ٿڪجي پون سي پيئن.


اي صيون جي ڌيءَ خوشي ڪر؛ ۽ يروشلم جي ڌيءَ خوشيءَ وچان واڪا ڪر: ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ اچي ٿو: هو سچار آهي ۽ هن وٽ نجات آهي؛ هو حليم آهي، ۽ گڏهہ تي، بلڪ کودڙي تي سوار آهي.


۽ منسيءَ جي پٽ يائير جي گهراڻي وارن، انهن جا ٻيا شهر وڃي هٿ ڪيا ۽ انهن جو نالو حووت يائير رکيائون.


منسيءَ جي پٽ يائير جي گهراڻي وارن، جسورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين، ارجوب جو سارو ملڪ ورتو؛ ۽ پنهنجي نالي جي پٺيان انهن بسن جي شهرن کي حووت يائير سڏيائون، جو نالو اڄ تائين هليو اچي.)


انهيءَ کان پوءِ يائير جلعادي اُٿيو؛ ۽ انهيءَ اسرائيل ۾ ٻاويهہ سال انصاف ڪيو.


۽ يائير وفات ڪئي ۽ قامون ۾ دفن ڪيو ويو.


۽ انهيءَ کي چاليهہ پٽ ۽ ٽيهہ پوٽا هئا، جي ستر کودڙن تي چڙهندا هئا. ۽ انهيءَ اسرائيل جو اٺ سال انصاف ڪيو.


اوهين جي اڇن گڏهن تي ٿا چڙهو، اوهين جي قيمتي غاليچن تي ٿا ويهو، ۽ اوهين جي رستي تي پنڌ هلو ٿا، سڀ انهيءَ جو ذڪر ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ