3 انهيءَ کان پوءِ يائير جلعادي اُٿيو؛ ۽ انهيءَ اسرائيل ۾ ٻاويهہ سال انصاف ڪيو.
3 تولع کان پوءِ يائير جِلعادي اٿيو، جيڪو ٻاويهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو.
۽ لابن چيو تہ اڄ هي ڍڳ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد آهي، تنهنڪري انهيءَ جو نالو جلعاد رکيو ويو:
۽ موسيٰ انهن کي چيو، تہ جيڪڏهن بني جد ۽ بني روبن مان هرڪو مرد ماڻهو هٿيار ٻڌي خداوند جي حضور ۾ اوهان سان گڏ يردن جي پرئين ڀر جنگ تي وڃي، ۽ اهو ملڪ اوهان جي قبضي ۾ اچي؛ تہ پوءِ اوهين جلعاد جو ملڪ انهن کي موروثي ملڪيت ڪري ڏجو:
۽ انهيءَ ٽيويهہ سال اسرائيل جو قاضي ٿي انصاف ڪيو، ۽ پوءِ هن وفات ڪئي؛ ۽ سمير ۾ دفن ڪيو ويو.
۽ انهيءَ کي ٽيهہ پٽ هئا، جي ٽيهن کودڙن تي چڙهندا هئا، ۽ انهن کي ٽيهہ شهر هئا، جي اڄ ڏينهن تائين حووت يائير سڏبا آهن، ۽ جلعاد جي ملڪ ۾ آهن.