Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 1:4 - Sindhi Bible

4 ۽ يهوداہ چڙهي ويو، ۽ خداوند ڪنعاني ۽ فرزي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا: ۽ هنن انهن مان ڏهہ هزار ماڻهو بزق ۾ ماريا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن انهن ڪاهہ ڪئي ۽ خداوند کين ڪنعانين ۽ فرزين تي فتح ڏني. هنن انهن جي ڏهہ هزار ماڻهن کي بزق ۾ شڪست ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 1:4
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هو بادشاهہ وٽ آيو تڏهن بادشاهہ چيس تہ اي ميڪاياہ، اسين جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد تي ڪاهي وڃون يا ماٺ ڪري ويٺا هجون؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ ڀلي وڃو ۽ فتحياب ٿيو؛ ۽ خداوند اُهو بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو.


تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ نبي گڏ ڪيا، جي اٽڪل چار سؤ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ اُنهن کي چيائين تہ آءٌ جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد تي ڪاهي وڃان يا ماٺ ڪيو ويٺو هجان؟ ۽ هنن چيو تہ ڀلي وڃ؛ ڇالاءِ جو خداوند انهيءَ کي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندو.


تو پنهنجي هٿ سان ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ کين آباد ڪيو؛ تو قومن کي تباهہ ڪيو، ۽ انهن کي پکيڙي ڇڏيو.


هن ڌارين قومن کي انهن جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو، ۽ زمين ماپي اسرائيل جي قبيلن کي ميراث ڪري ڏنائين، ۽ کين انهن جي خيمن ۾ رهايائين.


۽ جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي حوالي ڪري، ۽ تون انهن کي شڪست ڏين؛ تڏهن تون انهن کي پوريءَ طرح نابود ڪج؛ تون انهن سان ڪو بہ عهد نہ ڪج، نڪي انهن تي رحم ڪج:


تنهنڪري تون اڄوڪي ڏينهن سمجهي وٺ، تہ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي اڳيان ڀسم ڪرڻ واري باهہ وانگر هن ڀر ٿو هلي؛ اهو انهن کي برباد ڪندو، ۽ هو انهن کي تنهنجي اڳيان ڪيرائيندو: جنهنڪري تون انهن کي هڪالي ڪڍندين، ۽ انهن کي سگهو ئي نابود ڪري ڇڏيندين، جيئن ڪ خداوند توکي فرمايو آهي.


تڏهن يهوداہ پنهنجي ڀاءُ شمعون کي چيو تہ تون منهنجي حصي ۾ مون سان هل، تہ هلي ڪنعانين سان وڙهون؛ ۽ ساڳيءَ طرح آءٌ بہ تنهنجي حصي ۾ تو سان گڏجي هلندس. پوءِ شمعون هن سان گڏجي ويو.


۽ هنن ادوني بزق کي بزق ۾ لڌو: ۽ هن سان وڙهيا، ۽ ڪنعانين، ۽ فرزين کي ماريائون.


تنهن کان پوءِ افتاح بني عمون سان وڙهڻ لاءِ ويو، ۽ خداوند انهن کي هن جي حوالي ڪيو.


۽ بني اسرائيل ڪنعانين منجهہ، ۽ حتين، ۽ امورين، ۽ فرزين، ۽ حوين، ۽ يبوسين منجهہ رهندا آيا؛


۽ هن بزق ۾ انهن جو شمار ڪيو؛ ۽ بني اسرائيل ٽي لک ٿيا، ۽ يهوداہ جا ماڻهو ٽيهہ هزار ٿيا.


پر جي هو چوندا تہ اسان وٽ اچو تہ پوءِ اسين چڙهي هلنداسين: ڇالاءِ جو خداوند انهن کي اسانجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي: ۽ اها اسان جي لاءِ نشاني ٿيندي.


۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هنن اڻ طهريلن جي فوج ۾ هلون: من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري: ڇالاءِ جو ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گهڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ