Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




قاضين 1:1 - Sindhi Bible

1 ۽ يشوع جي وفات ڪرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، تہ اسان جي لاءِ ڪير پهرين ڪنعانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪاهي وڃي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 يشوع جي وفات کان پوءِ بني اسرائيل قوم خداوند کان پڇيو تہ ”اسان جي قبيلن مان ڪير پهريائين اڳتي وڌي ڪنعانين تي حملو ڪري؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




قاضين 1:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يهوسفط اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اڄ خداوند جي ڪلام کان پڇا ڪر.


تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري کي چيو تہ، ڇالاءِ جو ماڻهو خدا کان صلاح وٺڻ لاءِ مون وٽ ٿا اچن.


۽ تون عدالت جي سينہ بند ۾ اوريم ۽ تميم وجهج، ۽ جڏهن هارون خداوند جي حضور ۾ وڃي، تڏهن اهي سندس دل جي مٿان هجن، ۽ هارون هميشہ خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي عدالت پنهنجيءَ دل جي مٿان کڻي.


هو اليعزر ڪاهن وٽ بيهي، جو هن جي طرفان خداوند جي حضور مان اوريم جا فيصلا پڇندو رهي: انهي جي چوڻ تي هو، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت جا ماڻهو، ٻاهر نڪرن ۽ انهي جي چوڻ تي موٽي اچن.


۽ منسيءَ، بيت شان ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍيو، نڪي تعناڪ، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، نڪي دور، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، نڪي ابليعام، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، ۽ نڪي مجدو، ۽ ان جي شهرن جي ماڻهن کي ڪڍيائين: پر ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا آيا:


تنهنڪري جيڪي قومون يشوع وفات ڪرڻ مهل ڇڏي ويو هو، تن کي آءٌ بہ هنن جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندس.


۽ خداوند جي ٻانهي يشوع بن نون، هڪ سؤ ڏهن ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي.


۽ هنن کيس جعس جبل جي اُتر ڏانهن، افرائيم جي ڪوهستان ۾ تمنت حرس منجهہ، سندس ورثي جي حد اندر دفن ڪيو.


۽ بني اسرائيل اُٿيا ۽ بيت ايل ڏانهن ويا، ۽ خدا جي صلاح پڇيائون؛ ۽ هنن چيو تہ بني بنيمين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهرين ڪير ڪاهي وڃي؟ ۽ خداوند چيو تہ يهوداہ پهرين وڃي.


(۽ بني اسرائيل وڃي شام تائين خداوند جي اڳيان رنو؛ ۽ هنن خداوند کان پڇيو ۽ چيائون تہ اسين پنهنجن ڀائرن بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري کين ويجها وڃون يا نہ؟ ۽ خداوند چيو تہ ڀلي هنن تي ڪاهي وڃو).


۽ بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، (ڇالاءِ جو خداوند جي عهدنامي جي صندوق انهن ڏينهن ۾ اُتي هئي،


۽ فينحاس، بن اليعزر، بن هارون، انهن ڏينهن ڏينهن ۾ انهيءَ جي اڳيان بيهندو هو) ۽ چيائين تہ آءٌ وري بہ پنهنجي ڀاءُ بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃان يا بس ڪري ويهي رهان؟ ۽ خداوند چيو تہ وڃ؛ ڇالاءِ جو سڀاڻي آءٌ هن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس.


تنهنڪري هن خداوند کان وري بہ پڇيو تہ ڪو ماڻهو اڃا بہ هتي اچڻو آهي ڇا؟ ۽ خداوند ورندي ڏني تہ ڏسو، هن پاڻ کي سامان جي وچ ۾ وڃي لڪايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ