Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 5:8 - Sindhi Bible

8 اوهين بہ صبر ڪريو؛ پنهنجيون دليون مضبوط ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند جو اچڻ ويجهو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 اوهين بہ ڌيرج ڪريو ۽ ثابت قدم رهو، ڇاڪاڻ تہ پرڀو يسوع جو اچڻ ويجھو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اوهين بہ صبر ڪريو ۽ ثابت قدم رهو، ڇاڪاڻ تہ خداوند عيسيٰ جو اچڻ ويجھو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 اوھين بہ صبر ڪريو ۽ ثابت⁠قدم رھو، ڇالاءِ⁠جو خداوند جو اچڻ ويجھو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 5:8
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، آءٌ تنهنجي نجات جو منتظر آهيان.


آءٌ خداوند جي انتظار ۾ آهيان، منهنجي جان مشتاق آهي ۽ سندس ڪلام ۾ منهنجي اميد آهي.


خداوند جو انتظار ڪر: زوراور ٿي ۽ همت جهل؛ هائو خداوند جو انتظار ڪر.


خداوند جي حضور ۾ راضي رهہ، ۽ صبر سان سندس انتظار ڪر: جيڪو ماڻهو پنهنجين واٽن ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ۽ بڇڙا منصوبا ٻڌي پورا ٿو ڪري، تنهنجي ڪري پاڻ کي خفي نہ ڪر.


وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن ويجهو ايندو وڃي: خريد ڪندڙ خوشي نہ ڪري، ۽ نہ وڪڻندڙ غم ڪري، ڇالاءِ جو انهن جي سڄي جماعت تي غضب نازل ٿيو آهي.


باقي آءٌ، سو خداوند ڏي نهاريندس؛ آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي لاءِ منتظر ٿي ويهندس: منهنجو خدا منهنجي ٻڌندو.


ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو.


اوهين پنهنجي صبر سان پنهنجي جان بچائيندا.


يسوع چيس، تہ جيڪڏهن منهنجي مرضي هجي تہ جيستائين آئون اچان تيستائين هو رهي، تہ اُنهيءَ ۾ تنهنجو ڇا؟ تون منهنجي پٺيان اچ.


پر جي اسين انهي شيءِ جي اُميد رکون ٿا جا نٿا ڏسون، تہ پوءِ صبر سان اسين انهيءَ جي لاءِ منتظر ٿا رهون.


پر روح جو ڦل آهي محبت، خوشي، اطمينان، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري،


شل اوهان جي بردباري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي. خداوند نزديڪ آهي.


۽ سندس فرزند جي آسمان مان اچڻ جي انتظار ۾ رهو، جنهن کي هن مُئلن مان جياريو، يعني يسوع کي، جو اسان کي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.


ڀلا اسان جي خداوند يسوع جي اڳيان سندس اچڻ وقت اُميد ۽ خوشي ۽ فخر جو تاج اوهين نہ ٿيندا تہ ٻيو ڪير ٿيندو؟


انهي لاءِ تہ اُهو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن اسان جو خداوند يسوع پنهنجن سڀني پاڪ ٿيلن سان اچي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي اڳيان اوهين پاڪيزگيءَ ۾ بي عيب هجو.


۽ شل خداوند اوهان جي دلين جي، خدا جي محبت ۽ مسيح جي صبر ۾ رهبري ڪري.


اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي آهي، ۽ اُها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي، ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان پوين ڏينهن لاءِ خزانو گڏ ڪيو آهي.


اي ڀائرو، هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان ڏوهاري ٺهرو: ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.


سڀني شين جي پڄاڻي جلد ٿيڻ واري آهي، تنهنڪري اوهين هوشيار رهو ۽ دعا گهُرڻ ۾ سجاڳ رهو.


جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڀري، سو چوي ٿو تہ: هائو، آئون جلد ٿو اچان. آمين. اي خداوند يسوع، اچ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ