Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 5:6 - Sindhi Bible

6 راستباز کي اوهان ڏوهاري ٺهرائي قتل ڪيو؛ پر هو اوهان جي مخالفت نٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 اوهان بي‌ڏوهي ماڻهن کي ڏوهي قرار ڏيئي قتل ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اوهان بي‌ڏوهي ماڻهن کي ڏوهي قرار ڏيئي قتل ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ سگھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 اوھان سچار کي ڏوھي ٺھرايو آھي ۽ قتل ڪيو آھي. پر سچار اوھان جي مخالفت نہ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 5:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جي شريرن کي انعام جو حقدار ٿا ڄاڻن ۽ سچي کان سچائي کسيو ٿا وٺن!


هو مظلوم هو، تہ بہ هن پاڻ کي نماڻو ڪيو، ۽ پنهنجو وات نہ پٽيائين؛ جيئن ڪو گهيٽو ڪوس تي ويندو آهي، ۽ جيئن ڪا رڍ اُن ڪترڻ وارن جي اڳيان ماٺ ڪري بيهندي آهي؛ تيئن هن بہ پنهنجو وات نہ پٽيو.


پر جڏهن انهن آبادگارن هن جي پٽ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ چيائون تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، ۽ سندس ورثو هٿ ڪريون.


هاڻي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن خلق کي چوري انهيءَ تي بيهاريو تہ هو برابا جي لاءِ عرض ڪن، ۽ يسوع کي مارائين.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بڇڙو آهي، تنهن جي سامهون نہ ٿيو: پر جيڪو توکي تنهنجي ساڄي ڳل تي چماٽ هڻي، تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏي.


تڏهن هن چيو تہ اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا توکي هن لاءِ مقرر ڪيو آهي، تہ توکي خبر پوي تہ سندس مرضي ڪهڙي آهي، ۽ اُنهي سچار کي ڏسين، ۽ کيس ڳالهائيندو ٻُڌين.


اهو ڪهڙو نبي هو، جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ۽ جن انهي راستباز جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني، تن کي ماري وڌائون؛ جنهن جا اوهين هاڻ جهلائڻ ۽ مارڻ وارا ٿيا آهيو؛


هاڻي اِنهي پاڪ ڪتاب جو هنڌ جو هن پئي پڙهيو، سو هيءُ هو، ”هو هڪڙيءَ رڍ وانگر آهي جنهن کي ڪُهڻ لاءِ وٺي ويا، ۽ جهڙيءَ طرح ڪو گهيٽو پنهنجي اُن ڪترڻ واري جي اڳيان گونگو ٿي بيهندو آهي، تهڙيءَ طرح هو بہ پنهنجو وات نٿو پَٽي؛


پر منهنجو راستباز بندو ايمان جي ڪري جيئندو؛ ۽ جي هو پٺتي هٽندو، تہ منهنجي دل هن کان خوش نہ ٿيندي.“


پر اوهان انهي غريب ماڻهوءَ کي بي آبرو ڪيو آهي. دولتمند اوهان تي ظلم نٿا ڪن ڇا، ۽ اهي اوهان کي گهلي ڪچهريءَ ۾ نٿا وٺي وڃن ڇا؟


اوهين خواهش ڪريو ٿا؛ پر حاصل ڪجهہ بہ نٿا ڪريو؛ تنهنڪري اوهين خون ۽ لالچ ٿا ڪريو پر حاصل ڪجهہ بہ نٿا ڪريو؛ پوءِ جهيڙا جنگيون ٿا ڪريو. اوهان کي هن ڪري نٿو ملي جو گهُرو نٿا.


۽ جيڪڏهن راستباز ماڻهوءَ کي ئي مشڪلات سان نجات ملندي تہ بي دين ۽ گنهگارن جو حال ڪهڙو ٿيندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ