Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 5:14 - Sindhi Bible

14 جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو بيمار هجي تہ اهو ڪليسيا جي بزرگن کي سڏي؛ ۽ اهي کيس خداوند جي نالي تيل مکي هن لاءِ دعا گهُرن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 جيڪڏهن اوهان مان ڪو بيمار آهي تہ اهو منڊليءَ جي اڳواڻن کي گھرائي ۽ اهي اڳواڻ پرڀو يسوع جي نالي ۾ انهيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي هن لاءِ پرارٿنا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 جيڪڏهن اوهان مان ڪو بيمار آهي تہ اهو ڪليسيا جي اڳواڻن کي گھرائي ۽ اهي اڳواڻ خداوند عيسيٰ جي نالي ۾ انهيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي هن لاءِ دعا گھرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ڇا اوھان مان ڪو بيمار آھي؟ اھو ڪليسيا جي بزرگن کي گھرائي ۽ اھي بزرگ خداوند جي نالي ۾ انھيءَ بيمار کي زيتون جو تيل مکي مٿس دعا گھرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 5:14
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن ٽي ڀيرا پاڻ کي اُنهيءَ ٻار تي ليٽائي خداوند کي سڏي چيو تہ اي خداوند منهنجا خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ هن ٻار ۾ وري ساهہ وجهہ.


تنهنڪري هو اندر وڃي اُنهن ٻنهي تي در بند ڪري خداوند کان دعا گهرڻ لڳو.


پر نعمان ڪاوڙجي هليو ويو ۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، مون دل ۾ چيو هو تہ هو ضرور مون وٽ ايندو، ۽ بيهي خداوند پنهنجي خدا جو نالو وٺي سڏيندو، ۽ انهيءَ جاءِ جي مٿان پنهنجو هٿ لوڏيندو ۽ ڪوڙهہ کي ڇُٽائيندو.


۽ نانگ کڻندا، ۽ جيڪڏهن زهر پيئندا تہ انهي مان هنن کي ڪنهن بہ طرح جو جوکو نہ رسندو؛ اُهي بيمارن تي هٿ رکندا ۽ هو چڱا ڀلا ٿي پوندا.


۽ ڪيترا ڀوت ڪڍيائون، ۽ گهڻن ئي بيمارن کي تيل مکي چڱو ڀلو ڪيائون.


سو ائين ئي ڪيائون، ۽ برناباس ۽ شائول جي هٿان بزرگن ڏانهن ڏياري موڪليائون.


۽ جڏهن هرهڪ ڪليسيا ۾ سندن لاءِ بزرگ مقرر ڪري رهيا، ۽ هنن جي لاءِ روزا رکي دعا گهُري رهيا، تڏهن کين خدا، جنهن تي ايمان آندو هئائون، تنهن جي حوالي ڪيائون.


۽ جڏهن يروشلم ۾ اچي پهتا، تڏهن ڪليسيا ۽ رسولن ۽ بزرگن هنن جو استقبال ڪيو، ۽ جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو، سو سڀ هنن بيان ڪري ٻُڌايو.


۽ هيئن ٿيو جو پبلوس جو پيءُ تپ ۽ پيچش جي ڪري بيمار پيو هو: تنهن وٽ پولس لنگهي ويو، ۽ دعا گهُري مٿس هٿ رکي کيس ڇُٽايائين.


پر پطرس اُنهن سڀني کي ٻاهر ڪڍي گوڏا کوڙي دعا گهُرڻ لڳو؛ ۽ لاشي ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، تہ اي طبيتا اُٿ! ۽ هن پنهنجون اکيون پَٽيون، ۽ جڏهن پطرس کي ڏٺائين، تڏهن اُٿي ويهي رهي.


مون تو کي ڪريتي ۾ انهي لاءِ ڇڏيو تہ جيڪي ڳالهيون باقي رهيون آهن، سي تون درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو هو، تيئن هر ڪنهن شهر ۾ اهڙا بزرگ مقرر ڪرين،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ