Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 4:14 - Sindhi Bible

14 پر اوهان کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جي حياتي ڇا آهي؟ ڇالاءِ جو اوهين تہ ٻاڦ وانگر آهيو، جا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 ڏسو، اوهان کي تہ ايتري بہ سڌ ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جو جيون آهي ئي ڇا؟ اوهين تہ هڪڙي ٻاڦ آهيو، جيڪا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ڏسو، اوهان کي تہ ايتري بہ خبر ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جي زندگي آهي ئي ڇا؟ اوهين تہ هڪڙي ٻاڦ آهيو، جيڪا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پر اوھان کي تہ ايتري بہ خبر ڪانھي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوھان جي زندگي آھي ئي ڇا؟ اوھين تہ ھڪڙي ٻاڦ آھيو، جيڪا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 4:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ برزليءَ بادشاهہ کي چيو تہ منهنجي عمر جي ورهين جا ڏينهن ڪيترا آهن جو آءٌ بادشاهہ سان يروشلم ڏي هلان؟


ڇالاءِ جو منهنجا ڏينهن دونهين وانگي اُڏاميو وڃن، ۽ منهنجون هڏيون اُماڙيءَ وانگيان سڙي ٿيون وڃن.


انسان اجائي شيءِ آهي: هن جي حياتي پاڇي وانگر گذريو وڃي.


ڏس، تو منهنجي عمر گرانٺ جيڏي ڪئي آهي؛ ۽ منهنجي حياتي تنهنجي اڳيان ڪين جهڙي آهي: سچ سڀڪو ماڻهو ڪهڙي بہ چڱيءَ حالت ۾ هجي تہ بہ ٻاڦ وانگر آهي.


هن ياد ڪيو تہ هي رڳو انسان آهن؛ انهيءَ هوا جهڙا آهن جا هليو وڃي ۽ وري نٿي اچي.


ياد ڪر تہ منهنجو وقت ڪيترو نہ ٿورو آهي: تو ڪهڙيءَ بيهودگيءَ لاءِ بني آدم کي پيدا ڪيو آهي!


سڀاڻي جي بابت ٻٽاڪ نہ هڻ، ڇالاءِ توکي خبر ناهي تہ ڏينهن جي اندر ڇا ٿيندو.


انسان جنهن جي ناکوٽين ۾ پساهہ آهي، تنهن کان اوهين پاسو ڪريو: ڇالاءِ جو ڪهڙي ڳالهہ ڪري هو ليکي ۾ ايندو؟


منهنجي عمر ڌنار جي تنبوءَ وانگر ڊاهي پري ڪئي وئي آهي: مون ڪوريءَ وانگي پنهنجي حياتي ويڙهي ڇڏي آهي؛ ۽ هو مون کي آڏاڻي تان وڍي ڇڏيندو: هڪڙي ڏينهن ۽ رات جي اندر تون مون کي پورو ڪري ڇڏيندين.


۽ دولتمند انهي تي فخر ڪري تہ هو ذليل ڪيو ويو آهي: ڇالاءِ تہ گاهہ جي گل وانگر هو ڪومائجي ويندو.


ڇالاءِ جو ”انسان گاهہ وانگر آهي. گاهہ سُڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪِري ٿو پوي،


سڀني شين جي پڄاڻي جلد ٿيڻ واري آهي، تنهنڪري اوهين هوشيار رهو ۽ دعا گهُرڻ ۾ سجاڳ رهو.


۽ دنيا توڙي سندس خواهش ٻئي گذرنديون ٿيون وڃن، پر جيڪو خدا جي مرضيءَ تي ٿو هلي، سو هميشہ تائين قائم ٿو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ