Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 4:12 - Sindhi Bible

12 شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني اُهو جو بچائي ۽ ماري ٿو سگهي. پر تون ڪير آهين جو پنهنجي پاڙيسريءَ تي الزام ٿو آڻين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ياد رکو تہ نيم ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو تہ رڳو هڪڙو آهي. اهو ئي بچائي ۽ برباد ڪري سگھي ٿو. پوءِ اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو پنهنجي هم‌وشواسيءَ جي عدالت ٿا ڪريو!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ياد رکو تہ شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو تہ رڳو هڪڙو آهي. اهو ئي بچائي ۽ برباد ڪري سگھي ٿو. پوءِ اوهين ڪير ٿيندا آهيو جو پنهنجي هم‌ايمان جي عدالت ٿا ڪريو!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو تہ رڳو ھڪڙو آھي. اھو ئي بچائي ۽ ماري ٿو سگھي. پر تون آھين ڪير جو پنھنجي پاڙيسريءَ تي تھمت ٿو ھڻين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 4:12
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هي ڪير آهي جو سمجهہ کان سواءِ ڳالهين ڪرڻ سان، صلاح مشورت تي پردو ٿو وجهي؟


ڇالاءِ جو خداوند اسان جو منصف آهي، خداوند اسان جو شريعت ڏيندڙ آهي، ۽ خداوند اسان جو بادشاهہ آهي؛ اهو اسان کي بچائيندو.


۽ جيڪي بدن کي ماري ٿا وجهن، پر روح کي ماري نٿا سگهن، تن کان نہ ڊڄو، پر اُنهي کان ڊڄو جو روح ۽ بدن ٻنهي کي جهنم ۾ وجهي برباد ڪري ٿو سگهي.


پر آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ ڊڄو انهي کان، جنهن کي مارڻ کانپوءِ جهنم ۾ وجهڻ جي قدرت آهي؛ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ انهي کان ڊڄو.


تنهنڪري گهرجي تہ اڳتي اسين هڪ ٻئي تي الزام نہ لڳايون: بلڪ هي مناسب آهي تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رستي ۾ ڪا اهڙي شيءِ نہ رکي جنهنڪري هو ٿاٻو کائي يا ڪِري پوي.


تون ڪير آهين جو ٻئي جي نوڪر تي الزام ٿو آڻين؟ هن جو قائم رهڻ يا ڪِري پوڻ، سو سندس ڌڻيءَ جي هٿ ۾ آهي. هائو، هو قائم ڪيو ويندو؛ ڇالاءِ جو خداوند کي هن جي قائم ڪرڻ جي طاقت آهي.


اي انسان، تون کڻي ڪير بہ هجين، پر تون جو ٻين تي ڏوهہ ٿو رٿين، تنهن لاءِ توکي ڪو عذر ڪونهي: ڇالاءِ جو جنهن ڳالهہ بابت تون ٻئي تي ڏوهہ ٿو رکين، تنهن جو تون پاڻ کي ڏوهاري ٿو ٺهرائين، هن ڪري تہ تون جو ڏوهہ ٿو رکين، سو پاڻ اُهي ڪم ٿو ڪرين.


اي انسان، ڀلا تون ڪير آهين جو خدا جي سامهون جواب ٿو ڏين؟ جڙيل شيءِ ڪا جوڙيندڙ کي چوندي ڇا تہ تو مون کي ههڙو ڇو جوڙيو؟


تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.


اي ڀائرو، هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان ڏوهاري ٺهرو: ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.


۽ نابال ورندي ڏئي دائود جي نوڪرن کي چيو، تہ دائود ڪير آهي؟ ۽ يسيءَ جو پٽ ڪير آهي؟ اڄ ڪلهہ ڪيترائي اهڙا نوڪر آهن جي پنهنجي پنهنجي ڌڻيءَ کان ڇڄي ڌار ٿا ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ