Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 3:9 - Sindhi Bible

9 انهيءَ سان اسين خداوند ۽ ابي جي تعريف ٿا ڪريون؛ ۽ انهيءَ سان ئي اسين ماڻهن کي پِٽيون ٿا، جي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آهن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 جنهن زبان سان اسين پتا پرميشور جي مهما ٿا ڪريون تنهن سان ئي ماڻهن کي سراپ ٿا ڏيون، جيڪي ايشور جي روپ تي پيدا ٿيل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جنهن زبان سان اسين خداوند پيءُ جي واکاڻ ٿا ڪريون تنهن سان ئي ماڻهن کي پاراتو ٿا ڏيون، جيڪي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 جنھن زبان سان اسين خداوند ۽ پيءُ جي واکاڻ ٿا ڪريون تنھن سان ئي ماڻھن کي پاراتو ٿا ڏيون، جيڪي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 3:9
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آدم جو نسب نامو هن ريت آهي. جڏهن خدا آدم کي پيدا ڪيو تہ هن کي پنهنجيءَ شڪل موجب جوڙيائين؛


جيڪو ماڻهوءَ جو رت وهائيندو تنهن جو رت ماڻهوءَ جي هٿان وهايو ويندو، ڇالاءِ جو خدا انسان کي پنهنجيءَ صورت تي جوڙيو آهي.


۽ جڏهن بادشاهہ دائود بحوريم ۾ آيو تڏهن ڏس، سائول جي گهراڻي جي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو نڪري آيو، جنهن جو نالو سمعي بن جيرا هو: اهو جيئن آيو ٿي تيئن لعنتون وجهندو آيو.


پر ابيشي بن ضروياہ ورندي ڏئي چيو تہ انهيءَ لاءِ سمعيءَ کي قتل نہ ڪبو ڇا، جو هن خداوند جي مسح ڪيل تي لعنت وڌي؟


انهيءَ ڪري دائود ساريءَ جماعت جي اڳيان خداوند کي دعا ڏني: ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، اسان جي پيءُ اسرائيل جا خدا، تون هميشہ لاءِ مبارڪ آهين.


۽ دائود ساري جماعت کي چيو تہ، هاڻي خداوند پنهنجي خدا کي دعا ڏيو. ۽ ساريءَ جماعت خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي دعا ڏني ۽ سر جهڪائي، خداوند ۽ بادشاهہ جي اڳيان سجدو ڪيو.


هن جو وات لعنت، ۽ دغا، ۽ ظلم سان ڀريل آهي: هن جي زبان تي ٺڳي ۽ برائي آهي.


اي خدا منهنجي دل قائم آهي، آءٌ گيت ڳائيندس، هائو آءٌ دل سان تعريف جا گيت ڳائيندس.


اي منهنجا خدا، اي بادشاهہ، آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندس؛ ۽ آءٌ سدائين تنهنجي نالي کي مبارڪ چوندس.


منهنجو وات خداوند جي تعريف جو ذڪر ڪندو؛ ڀلي تہ سڀيئي سدائين هن جي پاڪ نالي کي مبارڪ چون.


انهي ڪري منهنجي دل سرهي آهي، ۽ منهنجو روح بہ خوش ٿو رهي: منهنجو جسم بہ صحيح سلامت رهندو.


انهيءَ لاءِ تہ منهنجو روح تنهنجي تعريف ڳائڻ کان ماٺ نہ ڪري. اي خداوند منهنجا خدا، آءٌ هميشہ تنهنجو شڪرانو مڃيندو رهندس.


آءٌ هر وقت خداوند کي مبارڪ چوندو رهندس: منهنجو وات سدائين سندس تعريف ڪندو.


۽ منهنجي زبان سڄو ڏينهن تنهنجيءَ راستبازيءَ ۽ تنهنجيءَ تعريف جو بيان ڪندي رهندي.


اي خدا، منهنجيءَ نجات جا خدا مون کي خون جي گناهہ کان ڇڏاءِ، تہ منهنجي زبان تنهنجيءَ سچائيءَ جو گيت ڳائيندي.


اي منهنجي جان جاڳ؛ منهنجا تنبورا ۽ بربط اوهين جاڳو: آءٌ پاڻ سويرو اُٿندس.


ڀلي تہ اهي پنهنجي وات جي گناهہ، ۽ پنهنجي چپن جي ڳالهين سبب، ۽ پاراتن ڏيڻ، ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري، پنهنجي مغروريءَ ۾ جهليا وڃن.


اهي رڳو هن کي سندس مرتبي کان ڪيرائڻ لاءِ پيا صلاحون ڪن؛ اهي ڪوڙ کان خوش ٿا ٿين: اهي پنهنجي وات سان برڪت ٿا ڏين پر اندر ۾ لعنت ٿا ڪن.


انهي ڪري جيسين آءٌ جيئندس، تيسين توکي مبارڪ چوندس: ۽ تنهنجو نالو وٺي پنهنجا هٿ مٿي کڻندس.


منهنجي زبان بہ سڄو ڏينهن تنهنجي راستبازيءَ جو بيان ڪندي رهندي: ڇو تہ جيڪي منهنجا مٺگهرا هئا سي شرمندا ٿيا، ۽ منجهي پيا آهن.


ڇالاءِ جو ڪيترائي ڀيرا تنهنجي دل بہ ڄاڻي ٿي تہ تون پاڻ ٻين تي بہ لعنت ڪئي آهي.


۽ خداوند فرمايو تہ هيءَ اُمت منهنجي ويجهو ٿي اچي، ۽ پنهنجي وات سان، ۽ پنهنجن چپن سان منهنجي تعظيم ٿي ڪري؛ پر پنهنجي دل مون کان پري ڪئي اٿس، ۽ منهنجو ڊپ رڳو ماڻهن جي حڪم ڪري اٿس، جو کين سيکاريو ويو آهي.


تڏهن هو لعنت وجهڻ ۽ قسم کڻي چوڻ لڳو تہ آئون هن ماڻهو کي سڃاڻان ئي ڪين. ۽ اُنهي دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ جيڪي اوهان کي ستائين، تن جي لاءِ دعا گهرو؛


تنهنڪري منهنجي دل سرهي ۽ منهنجي زبان خوش ٿي؛ بلڪ منهنجو جسم بہ اُميد ۾ رهندو:


هنن جو وات لعنت ۽ ڪراهت سان ڀريل آهي:


ڇالاءِ جو مرد کي بيشڪ پنهنجو مٿو ڍڪڻ نہ گهرجي، هن ڪري جو هو خدا جي صورت ۽ وڏائي آهي؛ پر زال مرد جي وڏائي آهي.


اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف ٿئي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسماني جاين تي هر طرح جي روحاني برڪت بخشي.


اسان جي خدا ۽ پيءُ جي حضور ۾ خالص ۽ بي عيب دينداري اها آهي، تہ يتيمن ۽ بيوهہ زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا کان بي داغ رکجي.


۽ ساڳئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري. اي منهنجا ڀائرو، ائين ٿيڻ نہ گهرجي.


اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ مبارڪ هجي، جنهن پنهنجي بيحد رحم سان يسوع مسيح جي مُئلن مان جي اُٿڻ جي ڪري اسان کي زيادہ اُميد جي لاءِ وري نئين سر پيدا ڪيو؛


۽ هو ٻنيءَ ۾ ويا، ۽ ڊاک گڏ ڪيائون، ۽ اُها لتاڙي پوءِ خوشي ڪيائون، ۽ پنهنجي معبود جي گهر اچي، اُها کاڌائون پيتائون، ۽ ابيملڪ تي لعنت ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ