Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 3:8 - Sindhi Bible

8 پر زبان کي ڪوبہ ماڻهو قبضي ۾ رکي نٿو سگهي؛ اها اهڙي بلا آهي جا روڪڻ جي ئي ڪينهي، ۽ موتمار زهر سان ڀريل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پر زبان کي ڪنهن بہ ماڻهوءَ وس ۾ نہ آندو آهي. اها هڪ اهڙي بلا آهي جيڪا روڪڻ جي ئي ڪونهي. اها موتمار زهر سان ڀريل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پر زبان کي ڪنهن بہ ماڻهوءَ وس ۾ نہ آندو آهي. اها هڪ اهڙي بلا آهي جيڪا روڪڻ جي ئي ڪونهي. اها موتمار زهر سان ڀريل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پر زبان کي ڪوبہ ماڻھو وس ۾ آڻي نہ ٿو سگھي. اھا ھڪ اھڙي بلا آھي جا روڪڻ جي ئي ڪونھي. اھا موتمار زھر سان ڀريل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 3:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن پنهنجيءَ زبان کي سپ وانگي تکو ڪيو آهي؛ سندن چپن هيٺ کپر جو زهر آهي.


هن جي وات جون ڳالهيون تہ مکڻ جهڙيون ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي: هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر حقيقت ۾ اُگهاڙيون ترارون هيون.


منهنجي جان شينهن جي وچ ۾ آهي؛ آءٌ اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ ليٽيل آهيان جن ۾ باهہ پيئي ٻري، جن جا ڏند ڀالا ۽ تير آهن، ۽ جن جي زبان تکي ترار آهي.


انهن جو زهر سپ جي زهر جهڙو آهي: اهي ٻوڙي کپر وانگر آهن جن پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏيا آهن.


ڏس اهي وات مان اوڳرايون پيا ڪڍن؛ سندن چپن ۾ تراريون آهن: ڇو جو هو چون ٿا تہ ڪير ٿو ٻڌي؟


جنهن جي دل بيهودي آهي تنهن کي ڪابہ چڱائي حاصل نہ ٿي ٿئي: ۽ جنهن جي زبان ڏنگي آهي سو نقصان ۾ ٿو پوي.


جيڪڏهن منڊ لڳڻ کان اڳي نانگ ڏنگيندو تہ پوءِ مانڊيءَ مان ڪوبہ فائدو نہ پهچندو.


هنن جي نڙي هڪڙي کليل قبر آهي؛ پنهنجي زبان سان هنن ٺڳي ڪئي آهي: ۽ سندن چپن ۾ نانگن جو زهر آهي:


انهن جو شراب نانگن جو وِهہ، ۽ سپن جو موتمار زهر آهي.


۽ زبان بہ هڪڙي باهہ آهي: اسانجن عضون ۾ شرارت جو عالم اها زبان آهي، جا ساري بدن کي ڪِنو ٿي ڪري، ۽ دنيا جي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي ۽ دوزخ جي باهہ سان پيئي سڙي.


ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن قسم جا جانور، پکي، ۽ سُرندڙ ساهہ وارا، ۽ سمنڊ جا رهاڪو قابو ڪري سگهجن ٿا، ۽ ماڻهن انهن کي قابو ڪيو بہ آهي:


۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ