Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 3:5 - Sindhi Bible

5 انهيءَ طرح زبان بہ هڪڙو ننڍو عضوو آهي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي هڻي. ڏسو، ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي ڪيتري نہ ٿوري باهہ ساڙيو ڇڏي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 ساڳيءَ طرح زبان بہ هڪڙو ننڍو عضوو آهي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي هڻي. ڏسو تہ هڪ ننڍڙي چڻنگ مان ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي باهہ لڳي ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ساڳيءَ طرح زبان بہ هڪڙو ننڍو عضوو آهي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي هڻي. ڏسو تہ هڪ ننڍڙي چڻنگ مان ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي باهہ لڳي ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 ساڳيءَ طرح زبان بہ ھڪڙو ننڍو عضوو آھي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي ھڻي. غور ڪريو تہ ھڪ ننڍڙي چڻنگ جي وسيلي ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي باھہ ٿي لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 3:5
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنهن خدا کي چيو تہ اسان وٽان هليو وڃ؛ ۽ قادر مطلق اسان جي لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟


ڇالاءِ جو بدڪار پنهنجيءَ دل جي خواهش تي ٻٽاڪ ٿو هڻي، ۽ لالچي ماڻهو خداوند کي ڇڏي ٿو ڏئي، بلڪ هن تي لعنت ٿو ڪري.


انهن پنهنجي دل کي سخت ڪيو آهي: اهي پنهنجي واتان مغروري سان ٿا ڳالهائين.


مون چيو تہ آءٌ پنهنجين واٽن جي خبرداري ڪندس، تہ منهنجيءَ زبان سان ڪو گناهہ نہ ٿئي: جيسين بدڪار منهنجي اڳيان هوندو، تيسين آءٌ پنهنجو وات ڄڻ لغام سان روڪيندس.


دشمن چيو تہ آءٌ پٺيان پوندس، آءٌ لٽ جو مال ورهائيندس، منهنجي خواهش انهن تي پوري ٿيندي. آءٌ پنهنجي ترار ڪڍندس، ۽ منهنجو هٿ انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو.


تڏهن فرعون چيو تہ خداوند ڪير آهي، جنهن جو حڪم مڃي آءٌ اسرائيل کي ڇڏي ڏيان؟ آءٌ خداوند کي نٿو سڃاڻان، نڪي اسرائيل کي وڃڻ ڏيندس.


ڪو اهڙو بہ آهي جو اُٻهرو ڳالهائي ترار وانگر گهائل ٿو ڪري: پر ڏاهي جي زبان صحت بخش آهي.


ڏاهن جي زبان علم جو پوريءَ طرح بيان ڪري ٿي: پر بي عقلن جو وات بي عقليءَ ڪڍيو وجهي.


حياتي ۽ موت زبان جي وس آهن؛ ۽ جيڪي انهيءَ کي پيار ڪن ٿا سي انهيءَ جو ڦر کائيندا.


ڪاٺي نہ هئڻ ڪري باهہ اُجهامي وڃي ٿي، جتي ڪو سُس پُس ڪرڻ وارو ڪونهي اُتي جهيڙو فساد بند ٿي وڃي ٿو.


تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.


اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل مٿي چڙهي ويئي آهي، ۽ تو چيو آهي تہ آءٌ هڪڙو خدا آهيان، ۽ خدا جي جاءِ تي سمنڊ جي وچ ۾ ٿو ويهان؛ انهي هوندي بہ تون انسان آهين ۽ نہ خدا، جيتوڻيڪ تو پنهنجي دل خدا جهڙي بنائي آهي.


ڳالهاءِ ۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي مصر جا بادشاهہ فرعون، تون جو وڏو ازدها آهين، جو پنهنجين ندين جي وچ ۾ پيو آهين، ۽ جو چوين ٿو تہ منهنجي ندي منهنجي ملڪيت آهي ۽ اُها مون پنهنجي لاءِ جوڙي آهي، سو آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان.


هاڻي جي اوهين تيار آهيو تہ جنهن وقت اوهين شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور ۽ سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تنهن وقت هيٺ جهڪي، جيڪا مورت مون بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪريو تہ واهہ: پر جي اوهين سجدو نہ ڪندا، تہ انهي گهڙيءَ باهہ جي ٻرندڙ کوري جي وچ ۾ اُڇلايا ويندا؛ ۽ اُهو ڪهڙو خدا آهي جو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائيندو؟


تڏهن بادشاهہ چيو، تہ هي اُهو وڏو بابل ناهي ڇا، جو مون بادشاهہ جي رهڻ لاءِ پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان، ۽ پنهنجي وڏائيءَ جي شان ۽ شوڪت سان جوڙايو آهي؟


ڏسو، جهاز بہ جيتوڻيڪ تمام وڏا ٿا ٿين ۽ تيز هوائن سان ڌڪجي ٿا هلن، تڏهن بہ هڪڙي تمام ننڍي سڪان جي وسيلي، سڪائيءَ جي مرضيءَ موجب ڦيرايا وڃن ٿا.


ڇالاءِ جو اُهي مغروريءَ جون نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري شهوت پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جي گمراهہ ٿيل ماڻهن کان ڌار ٿيڻ تي آهن.


اهي ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، ۽ پنهنجين بڇڙين خواهشن تي هلندڙ آهن، ۽ سندن وات مان وڏيون ٻٽاڪون پيون نڪرن؛ ۽ هو فائدي جي لاءِ ماڻهن جي پاسخاطري ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ