Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 3:13 - Sindhi Bible

13 اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجهُو ڪير آهي؟ انهي کي گهرجي تہ پنهنجا ڪم چڱيءَ هلت ۽ ڏاهپ جي حليمائيءَ سان ڏيکاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجھُو ڪير آهي؟ انهيءَ کي گھرجي تہ هو پنهنجي چڱيءَ هلت چلت جي وسيلي اهڙي نماڻائيءَ سان اهو ثابت ڪري ڏيکاري، جيڪا ڏاهپ مان پيدا ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجھُو ڪير آهي؟ انهيءَ کي گھرجي تہ هو پنهنجي چڱيءَ هلت چلت جي وسيلي اهڙي نماڻائيءَ سان اهو ثابت ڪري ڏيکاري، جيڪا ڏاهپ مان پيدا ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 اوھان ۾ ڏاھو ۽ سمجھو ڪير آھي؟ انھيءَ کي گھرجي تہ ھو پنھنجي چڱيءَ ھلت چلت جي وسيلي ڏاھپ واري نماڻائيءَ سان پنھنجو عمل ڏيکاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 3:13
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن انسان کي چيو، ڏس خدا جو خوف، اها ئي حڪمت آهي؛ ۽ برائيءَ کان پري رهڻ دانائي آهي.


جيڪو عقلمند آهي سو هنن ڳالهين تي ڌيان ڏيندو، ۽ اهڙا ماڻهو خداوند جي رحمتن تي غور ڪندا.


آءٌ پنهنجن ڀائرن ۽ سنگتين جي سبب هاڻي چوندس، تہ تو منجهہ سلامتي هجي.


ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کان راضي آهي: هو نماڻن کي نجات سان سينگاريندو.


هو حليمن کي انصاف سان هلائيندو: ۽ نماڻن کي پنهنجي واٽ ڏيکاريندو.


سچائي، حلم، ۽ راستبازي جي شوڪت سان سواري ڪري اقبال مند ٿيءُ: ۽ تنهنجو ساڄو هٿ توکي هيبتناڪ ڪم سيکاريندو.


ڏاهي ماڻهوءَ جهڙو ڪير آهي؟ ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ جي سمجهاڻي ڪير ٿو ڄاڻي؟ ماڻهوءَ جي ڏاهپ هن جو منهن چمڪائي ٿي، ۽ هن جي منهن جي سختي مٽجي وڃي ٿي.


جيڪو حڪم بجاءِ آڻيندو، تنهن کي ڪا خرابي نہ رسندي: ۽ ڏاهي ماڻهوءَ جي دل وقت ۽ انصاف معلوم ڪري ٿي:


مسڪين بہ خداوند ۾ وڌيڪ خوش ٿيندا، ۽ ماڻهن ۾ جيڪي غريب آهن سي اسرائيل جي پاڪ خدا ۾ سرها ٿيندا.


اُٺن جون قطارون، ۽ مديان ۽ عيفہ جا ڪنواٺ توکي ڀري ڇڏيندا؛ اهي سڀ سبا مان ايندا ۽ اُهي سون ۽ لوبان آڻيندا، ۽ خداوند جي تعريف ظاهر ڪندا.


خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.


اُهو ڪهڙو ڏاهو آهي جو اها ڳالهہ سمجهي؟ ۽ اُهو ڪير آهي جنهن کي خداوند جي وات فرمايو آهي تہ انهي کي ظاهر ڪري ٻڌائي؟ ڇو اها زمين اهڙي ناس ٿي ۽ سڙي بيابان ٿي ويئي آهي، جو ڪوبہ انهي مان نٿو لنگهي؟


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نڪي زور وارو ماڻهو پنهنجي زور تي فخر ڪري، نڪي دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري:


۽ هو وقت ۽ موسمون بدلائي ٿو: هو هڪڙن بادشاهن کي برطرف ڪري ٿو، ۽ ٻين بادشاهن کي اُٿاري ٿو: هو ڏاهن کي ڏاهپ عطا ڪري ٿو، ۽ سمجهہ وارن کي علم ڏئي ٿو.


زمين جا سڀ حليم، يعني اوهين گڏ ٿيو، جن خداوند جو حڪم بجا آندو آهي، ۽ هن کي ڳوليو؛ سچائي ۽ حلم کي ڳوليو: امڪان آهي تہ خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن اوهين لڪايا وڃو.


هاڻي سڄي زمين تي جيڪي ماڻهو هئا، تن سڀني کان موسيٰ تمام حليم هو.


منهنجي پاڃاري پاڻ تي کڻو، ۽ مون کان سکو؛ ڇالاءِ جو آئون دل جو حليم ۽ نماڻو آهيان، ۽ اوهان جي روح کي آرام ملندو.


”اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ ٿو اچي، نماڻو ۽ گڏهہ تي چڙهيل، بلڪ گڏهہ جي ٻچي، يعني کودڙي تي.“


مبارڪ آهن اُهي جي حليم آهن، ڇالاءِ جو اُهي زمين جا وارث ٿيندا.


تنهنڪري جيڪو بہ ماڻهو منهنجو هي ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ اُنهيءَ تي عمل ٿو ڪري، سو اُنهي ڏاهي ماڻهوءَ جي مثل آهي جنهن پنهنجو گهر ٽڪر تي اڏايو.


اهو اوهان کي انهي ڪري ٿو چوان تہ شرم اچيوَ. ائين آهي ڇا تہ اوهان ۾ هڪڙو ڏاهو ماڻهو بہ لڀي نٿو سگهي، جو پنهنجن ڀائرن جو فيصلو ڪري،


هاڻي آئون پولس، جو اوهان جي روبرو اوهان سڀني ۾ نوڙت وارو آهيان، پر اوهان جي پرپٺ اوهان ڏانهن چڱي همت وارو آهيان، سو مسيح جي حليميءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجهي پاڻ اوهان کي عرض ٿو ڪريان:


تنهنڪري اوهين پنهنجي محبت، ۽ اوهان جي طرفان اسين جو فخر ٿا ڪريون، سو ڪليسيائن جي روبرو انهن کي ثابت ڪري ڏيکاريو.


نماڻائي، پرهيزگاري؛ اهڙن ڪمن جي برخلاف ڪابہ شريعت ڪانهي.


اي ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گناهہ ڪندي پڪڙيو وڃي، تہ اوهين جي روحاني آهيو، سي اهڙي شخص کي نرم مزاجيءَ سان وري بحال ڪريو؛ ۽ پنهنجو بہ خيال ڪريو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئو.


پر سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪم پاڻ آزمائڻ کپي، پوءِ هن کي فقط پنهنجي نسبت ۾ فخر ڪرڻ جو وجهہ ملندو، نہ ٻئي جي نسبت ۾.


يعني ڏاڍيءَ نماڻائيءَ ۽ نِوڙت سان تحمل ڪري، محبت ۾ هڪٻئي جي برداشت ڪريو؛


رڳو هيترو ڪريو تہ اوهان جي هلت چلت مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق ٿئي: پوءِ آئون اچي اوهان کي گڏجان يا نہ، تہ بہ اوهان جو احوال اهو ٻُڌان تہ اوهين هڪڙي ئي روح ۾ قائم آهيو، ۽ هڪدل ٿي خوشخبريءَ جي ايمان لاءِ جانفشاني ڪندا ٿا رهو.


تنهنڪري جيئن خدا جا چونڊيل ۽ پاڪ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ ۽ مهربانيءَ ۽ نماڻائيءَ ۽ حليمائيءَ ۽ تحمل جو جامو پهريو؛


ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ سببان تنهنجي حقارت نہ ڪري، پر تون ايمان وارن جي لاءِ، ڪلام ۽ هلت چلت ۾، محبت، ايمان ۽ پاڪيزگيءَ ۾ نمونو ٿيءُ.


پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ.


۽ جيڪي مخالف آهن تن کي حلم سان سمجهائي، شايد خدا انهن کي توبهہ جي توفيق بخشي تہ هو سچ کي سڃاڻن،


ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي بدگوئي نہ ڪن، جهيڙاڪ نہ ٿين، بلڪ نرم طبيعت ٿين، ۽ سڀني ماڻهن سان پوريءَ حليمائيءَ سان هلن.


پيسي جي پيار کان اوهين آزاد رهو؛ جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو: ڇالاءِ جو هن پاڻ چيو آهي تہ ”آئون توکي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڪين ڏيندس، نڪي آئون ڪڏهن توکي وساريندس.“


تنهنڪري بڇڙائيءَ جي سڀ گندگي ۽ زيادتي ڇڏي، اُهو پوکيل ڪلام تحمل سان قبول ڪريو، جو اوهانجن روحن کي بچائي ٿو سگهي.


هائو، ڪو ماڻهو چوندو تہ تون ايمان ٿو رکين ۽ آئون عمل ٿو ڪريان: تون پنهنجو ايمان عمل کانسواءِ مون کي ڏيکار، ۽ آئون توکي پنهنجن عملن جي ڪري ايمان ڏيکاريندس.


اي منهنجا ڀائرو، اوهان مان گهڻا اُستاد نہ ٿيو، ڇو جو ڄاڻو ٿا تہ اسين جي اُستاد آهيون، تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.


پر جيڪا ڏاهپ مٿان ٿي اچي، سا پهرين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم، نرم مزاج، رحيم ۽ چڱن ڦلن سان ڀريل، بي ريا ۽ بنا مڪر آهي.


پر جيئن اوهان جو سڏڻ وارو پاڪ آهي، تيئن اوهين بہ هر طرح جي هلت چلت ۾ پاڪ ٿيو؛


۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


پر اندر وارو باطن ۾ حليم، ۽ غريب طبيعت جو غير فاني ويس هئڻ گهرجي، جنهن جو خدا جي نظر ۾ گهڻو قدر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ