Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:9 - Sindhi Bible

9 پر جيڪڏهن ماڻهن جي پاسخاطري ٿا ڪريو تہ گناهہ ٿا ڪريو، ۽ شريعت اوهان کي ڏوهاري ٿي ٺهرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 پر جيڪڏهن ٻِہ‌اکيائي ٿا ڪريو تہ انهيءَ حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري اوهين پاپ ٿا ڪريو. تنهن تي ايشور جو نيم اوهان کي پاپي قرار ٿو ڏئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر جيڪڏهن ٻِہ‌اکيائي ٿا ڪريو تہ انهيءَ حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري اوهين گناهہ ٿا ڪريو. تنهن تي شريعت اوهان کي گنهگار قرار ٿي ڏئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 پر جيڪڏھن اوھين طرفداري ٿا ڪريو تہ گناھہ ٿا ڪريو ۽ شريعت اوھان کي ڏوھاري ثابت ڪري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بي انصافي نہ ڪجو: تون ڪنهن کي غريب سمجهي انهي جي پاس خاطري نہ ڪج، نڪي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي طرفداري ڪج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪج.


۽ اُهو جڏهن ايندو، تڏهن دنيا کي گناهہ، ۽ راستبازيءَ، ۽ عدالت نسبت ڏوهاري ٺهرائيندو:


اوهان مان ڪير مون تي گناهہ ثابت ٿو ڪري؟ جي آئون سچ ٿو چوان تہ اوهين ڇو نٿا مون تي ايمان آڻيو؟


۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن وڏي کان وٺي ننڍي تائين هڪڙو هڪڙو ٿي نڪري ويا: ۽ رڳو يسوع وڃي رهيو، ۽ اُها زال وچ ۾ بيٺي هئي.


تڏهن پطرس پنهنجو وات کولي چوڻ لڳو تہ مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي پاسخاطري نٿو ڪري؛


ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن جي ڪري ڪوبہ ماڻهو سندس نظر ۾ راستباز ڪين ٺهرندو: ڇالاءِ جو شريعت جي وسيلي ئي گناهہ جي خبر ٿي پوي.


پر جيڪڏهن سڀ نبوت ڪندا ۽ ڪو بي دين يا اوپرو ماڻهو اندر لنگهي ايندو، تہ سڀيئي هن کي قائل ڪندا ۽ کيس پرکي وٺندا،


هن ڪري جو آئون شريعت جي ڪري ئي شريعت لاءِ مُئس، تہ خدا لاءِ جيئرو ٿيان.


اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو؛ ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو؛ اوهين ماڻهوءَ جو منهن ڏسي ڊڄجو نہ؛ ڇالاءِ جو عدالت خدا جي آهي: ۽ جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي سو مون وٽ آڻجو، تہ آءٌ اهو ٻڌان.


جيڪو گناهہ ٿو ڪري سو بي شرع ڪم ٿو ڪري؛ ۽ گناهہ شرع جي برخلاف آهي.


انهي لاءِ تہ سڀني جو انصاف ڪري ۽ سڀني بي دينن کي، سندن انهن سڀني بي دينيءَ جي ڪمن لاءِ، جي هنن بي دينيءَ سان ڪيا آهن، ۽ انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ، جي بي دين گنهگارن سندس برخلاف ڪيون آهن، ڏوهاري ٺهرائي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ