Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:20 - Sindhi Bible

20 پر اي بيهودا ماڻهو، ايترو نٿو ڄاڻين تہ عمل کانسواءِ ايمان نڪمو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اي مورکؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ وشواس بيڪار آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اي بي‌وقوفؤ! ڇا اوهين ايترو نہ ٿا سمجھي سگھو تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 پر اي بيوقوف ماڻھو! ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھي سگھين تہ عمل کان سواءِ ايمان بيڪار آھي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:20
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو پنهنجي زمين پوکي ٿو تنهن کي ججهي ماني ملندي: پر جيڪو اجاين شين جي پٺيان لڳي ٿو سو سمجهہ کان خالي آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جن ابن ڏاڏن مون ۾ ڪهڙي بي انصافي ڏٺي جو مون کان پري هليا ويا آهن، ۽ بيهودگيءَ جي پٺيان پئي رليا آهن، ۽ مغرور ٿي ويا آهن؟


ڇالاءِ جو خدا کي سڃاڻي، هنن سندس خدائيءَ جي لائق وڏائي نہ ڪئي، ۽ نڪي سندس شڪرگذاري ڪئي، پر پنهنجن اجاين خيالن ڪري مُنجهي پيا، ۽ سندن بي سمجهہ دلين تي اوندهہ ڇانئجي ويئي.


تنهنڪري اسين ائين ٿا سمجهون تہ ماڻهو شريعت جي عملن کانسواءِ رڳو ايمان جي ئي ڪري راستباز ٺهرايو ٿو وڃي.


اي انسان، ڀلا تون ڪير آهين جو خدا جي سامهون جواب ٿو ڏين؟ جڙيل شيءِ ڪا جوڙيندڙ کي چوندي ڇا تہ تو مون کي ههڙو ڇو جوڙيو؟


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪي ڪينهي، ۽ سمجهي ٿو تہ آئون بہ ڪي آهيان، تہ هو پاڻ کي ٺڳي ٿو.


خبردار رهجو متان ڪو ماڻهو پنهنجي فيلسوفيءَ ۽ اجائي فريب سان، ماڻهن جي روايتن ۽ دنيا جي ابتدائي تعليم موجب، ۽ نہ مسيح موجب، اوهان کي شڪار ڪري وٺي.


پر ڪي ماڻهو انهن ڳالهين کان پاسو ڪري اجائي بحث ۾ وڃي پيا آهن؛


ڇالاءِ جو گهڻا ماڻهو سرڪش، اجائي بَڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آهن، خاص ڪري مختونن مان،


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار سمجهي ٿو ۽ پنهنجي زبان کي لغام نٿو ڏئي، بلڪ پنهنجي دل کي ٺڳي ٿو، تنهن جي دينداري اجائي آهي.


انهيءَ طرح ايمان بہ عمل کانسواءِ مُئل آهي.


ڇالاءِ جو جيئن روح کانسواءِ بدن مُئل آهي، تيئن عمل کانسواءِ ايمان بہ مُئل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ