Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:18 - Sindhi Bible

18 هائو، ڪو ماڻهو چوندو تہ تون ايمان ٿو رکين ۽ آئون عمل ٿو ڪريان: تون پنهنجو ايمان عمل کانسواءِ مون کي ڏيکار، ۽ آئون توکي پنهنجن عملن جي ڪري ايمان ڏيکاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 پر ٿي سگھي ٿو ڪو ماڻهو ائين چوي تہ ”ڪن وٽ وشواس آهي ۽ ڪن وٽ عمل بہ آهي.“ چڱو ڀلا، آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ کي چوان ٿو تہ ”تون عمل کان سواءِ مون کي پنهنجو وشواس ڏيکار ۽ آءٌ پنهنجي عمل سان تو کي پنهنجو وشواس ڏيکاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 پر ٿي سگھي ٿو ڪو ماڻهو ائين چوي تہ ”ڪن وٽ ايمان آهي ۽ ڪن وٽ عمل بہ آهي.“ چڱو ڀلا، آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ کي چوان ٿو تہ ”تون عمل کان سواءِ مون کي پنهنجو ايمان ڏيکار ۽ آءٌ پنهنجي عمل سان تو کي پنهنجو ايمان ڏيکاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 پر ڪو ماڻھو چئي سگھي ٿو تہ ”تو وٽ ايمان آھي ۽ مون وٽ عمل آھي.“ ”چڱو ڀلا، تون عمل کان سواءِ پنھنجو ايمان مون کي ڏيکار ۽ آءٌ پنھنجن عمل سان تو کي پنھنجو ايمان ڏيکاريندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:18
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ شبهو رکي کائيندو، اُهو ڏوهاري ٺهربو، ڇالاءِ جو هو اُها اعتقاد سان نٿو کائي؛ ۽ جيڪي اعتقاد کان ناهي سو گناهہ آهي.


تنهنڪري اسين ائين ٿا سمجهون تہ ماڻهو شريعت جي عملن کانسواءِ رڳو ايمان جي ئي ڪري راستباز ٺهرايو ٿو وڃي.


جهڙيءَ طرح ڪ جنهن ماڻهوءَ کي خدا ڪمن کانسواءِ راستباز ٿو ليکي، تنهن کي دائود بہ مبارڪ ٿو چوي:


تنهنڪري هاڻي جيڪي مسيح يسوع ۾ آهن، تن تي سزا جو حڪم ڪونهي.


تڏهن تون مون کي چوندين تہ پوءِ هو قصوروار ڇو ٿو ٺهرائي؟ ڪير هن جي ارادي جو مقابلو ڪري ٿو سگهي؟


۽ جي مون کي نبوت مليل هجي، ۽ سڀيئي راز ۽ سڀ علم ڄاڻندو هجان، ۽ جي منهنجو ايمان اهڙو ڪامل هجي جو جبلن کي هٽائي پاسي ڪري ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ آئون ڪي ڪين آهيان.


تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيح ۾ آهي تہ هو نئون مخلوق آهي: پراڻيون شيون گذري ويون؛ ڏسو، هو نوان ٿي پيا آهن.


تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


هاڻي انهي تاڪيد جو مطلب اهو آهي، تہ پاڪ ۽ نيڪ نيت ۽ سچي ايمان سان محبت پيدا ٿئي.


سڀني ڳالهين ۾ پاڻ کي چڱن ڪمن جو نمونو ڪري ڏيکار؛ پنهنجي تعليم ۽ صفائي ۽ سنجيدگي ڏيکاريندو رهہ.


ايمان ئي جي ڪري راحب ڪسبياڻي نافرمانن سان گڏ برباد نہ ٿي، ڇالاءِ جو هن جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو.


جن ايمان ئي جي ڪري بادشاهتون فتح ڪيون، راستبازيءَ جا ڪم ڪيا، واعدا حاصل ڪيا، شينهن جا وات بند ڪيا،


۽ ايمان کانسواءِ هن کي پسند اچڻ ناممڪن آهي: ڇالاءِ جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنهن کي ايمان آڻڻ گهرجي تہ هو موجود آهي، ۽ جيڪي سندس طالب آهن، تن کي اجر ٿو ڏئي.


اي منهنجا ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ آئون ايمان وارو آهيان، پر عمل ڪندڙ نہ هجي، تہ انهي مان ڪهڙو فائدو؟ اهڙي ايمان ڪري هن کي نجات ملندي ڇا؟


اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجهُو ڪير آهي؟ انهي کي گهرجي تہ پنهنجا ڪم چڱيءَ هلت ۽ ڏاهپ جي حليمائيءَ سان ڏيکاري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ