Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:1 - Sindhi Bible

1 اي منهنجا ڀائرو، اسان جو خداوند يسوع مسيح، جو جلال وارو آهي، تنهن ۾ اوهان جو ايمان اهڙو هجي جو ڪنهن جي بہ پاسخاطري نہ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي مهان تيج واري پرڀو يسوع مسيح تي وشواس رکڻ وارا ٿي ڪري اوهين ٻِہ‌اکيائي نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي خداوند ذوالجلال عيسيٰ مسيح تي ايمان رکڻ وارا ٿي ڪري اوهين ٻِہ‌اکيائي نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي خداوند ذوالجلال عيسيٰ مسيح جا ايمان آڻڻ وارا ٿي ڪري اوھين طرفداري نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:1
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي گهرجي تہ خداوند جو خوف اوهان تي هجي؛ جيڪي ڪريو سو خبرداري سان ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا وٽ بي انصافي ڪانهي، نہ ماڻهن سان پاسداري، ۽ نہ رشوت خوري.


هي بہ ڏاهن جا قول آهن. عدالت ۾ پاسخاطري ڪرڻ چڱي ڳالهہ نہ آهي.


پاسداري ڪرڻ چڱي نہ آهي، نڪي ڪنهن ماڻهو کي ٽڪر ڀوري لاءِ ڏوهہ ڪرڻ گهرجي.


اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بي انصافي نہ ڪجو: تون ڪنهن کي غريب سمجهي انهي جي پاس خاطري نہ ڪج، نڪي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي طرفداري ڪج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪج.


۽ انهن پنهنجن شاگردن کي هيرودين سان گڏي ڏانهنس موڪليو، جن وڃي چيس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين.


تڏهن پطرس پنهنجو وات کولي چوڻ لڳو تہ مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي پاسخاطري نٿو ڪري؛


۽ يهودين توڙي يونانين وٽ اها شاهدي پئي ڏني اٿم، تہ خدا جي حضور ۾ توبهہ ڪريو، ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح تي ايمان آڻيو.


پوءِ ڪن ڏينهن کانپوءِ فيلڪس پنهنجي زال دروسلہ سان گڏجي آيو، جا يهودڻ هئي؛ ۽ پولس کي سڏائي سندس واتان مسيح جي دين بابت بيان ويهي ٻُڌائين.


هو چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو ۽ بزرگو ٻُڌو: اسان جو پيءُ ابراهيم حاران ۾ وڃي رهيو، تنهن کان اڳي جڏهن ميسپتاميا ۾ رهندو هو، تڏهن خدا ذوالجلال مٿس ظاهر ٿيو،


ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي ڏسڻ جي ڏاڍي سڪ آهي، انهي لاءِ تہ اوهان کي ڪا روحاني بخشش پهچايان، جنهن جي ڪري اوهين قائم ٿيو:


هن جهان جي حاڪمن مان ڪنهن کي انهي جي سمجهہ ڪانہ هئي؛ ڇالاءِ تہ جي کين انهي جي سمجهہ هجي ها، تہ جلال واري خداوند کي صليب تي ڪين چاڙهين ها.


اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو؛ ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو؛ اوهين ماڻهوءَ جو منهن ڏسي ڊڄجو نہ؛ ڇالاءِ جو عدالت خدا جي آهي: ۽ جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي سو مون وٽ آڻجو، تہ آءٌ اهو ٻڌان.


تون ڪنهن سان ناحق نہ ڪج؛ نڪي تون ماڻهن جي طرفداري ڪج: نڪي تون رشوت وٺج؛ ڇالاءِ جو رشوت سياڻن کي بہ انڌو ٿي ڪري، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


جو اسان ٻُڌو آهي تہ اوهان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو آهي، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن سان اوهين محبت ٿا رکو،


۽ ايمان ۽ نيڪ ضمير تي قائم رهہ، جنهن کي ڪن ماڻهن ڇڏي پنهنجي ايمان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.


خدا ۽ مسيح يسوع، ۽ چونڊيل ملائڪن جي حضور ۾ آئون توکي تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن ڳالهين تي بنا تعصب عمل ڪر ۽ ڪنهن بہ ڪم ۾ پاسخاطري نہ ڪر.


پولس، جو خدا جو بندو ۽ يسوع مسيح جو رسول آهي، تنهن جي طرفان خدا جي چونڊيلن جي ايمان ۽ اُنهي حق جي سياڻپ موجب، جا دينداريءَ موافق آهي،


۽ انهيءَ مبارڪ اُميد جي، يعني پنهنجي عظيم خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي جلال جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ رهون؛


هو سندس جلال جو جلوو ۽ خود سندس ذات جو نقش ٿي، سڀني شين کي پنهنجي قدرت جي ڪلام سان سنڀالي ٿو، ۽ گناهن کي ڌوئي صاف ڪري، قادر مطلق جي ساڄي پاسي بالا عالم ۾ وڃي ويٺو؛


۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.


اي منهنجا پيارا ڀائرو، ٺڳجي نہ وڃو.


اي منهنجا پيارا ڀائرو، هيءَ ڳالهہ اوهين ڄاڻو ٿا، تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي گهرجي تہ ٻُڌڻ ۾ تکو، ۽ ڳالهائڻ ۾ ڍرو، ۽ ڪاوڙجڻ ۾ ٿڌو ٿئي:


۽ اوهين انهي عمدي پوشاڪ واري جو لحاظ ڪري چئو تہ تون هتي چڱيءَ جاءِ تي اچي ويهہ؛ ۽ هن غريب ماڻهوءَ کي چئُہ تہ تون هتي بيهہ، يا منهنجي پيرن جي صندليءَ وٽ ويهي رهہ؛


پر جيڪڏهن ماڻهن جي پاسخاطري ٿا ڪريو تہ گناهہ ٿا ڪريو، ۽ شريعت اوهان کي ڏوهاري ٿي ٺهرائي.


پر جيڪا ڏاهپ مٿان ٿي اچي، سا پهرين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم، نرم مزاج، رحيم ۽ چڱن ڦلن سان ڀريل، بي ريا ۽ بنا مڪر آهي.


يسوع مسيح جي بندي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انهن ڏانهن، جن اسان جي خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي راستبازيءَ ڪري اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آهي:


اهي ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، ۽ پنهنجين بڇڙين خواهشن تي هلندڙ آهن، ۽ سندن وات مان وڏيون ٻٽاڪون پيون نڪرن؛ ۽ هو فائدي جي لاءِ ماڻهن جي پاسخاطري ٿا ڪن.


اهو آهي اُنهن پاڪ ٿيلن جو صبر، جي خدا جي حڪمن تي ٿا هلن، ۽ يسوع تي ايمان ٿا رکن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ