Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 1:8 - Sindhi Bible

8 ٻہ دليو ماڻهو پنهنجيءَ ڪنهن بہ ڳالهہ تي قائم نٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 اهو ماڻهو ٻِہ‌دليو آهي، جيڪو پنهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ تي قائم نہ ٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اهو ماڻهو ٻِہ‌دليو آهي، جيڪو پنهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ تي قائم نہ ٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ڇالاءِ⁠جو اھو ٻہ⁠دليو ماڻھو آھي، جيڪو پنھنجي ڪنھن بہ ڳالھہ تي قائم نہ ٿو رھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 1:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ايلياہ سڀني ماڻهن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڪيستائين اوهين ٻن راين جي وچ ۾ پيا منڊڪائيندا؟ جيڪڏهن خداوند ئي خدا آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو: پر جيڪڏهن بعل آهي تہ اُنهيءَ جي پٺيان لڳو. ۽ ماڻهن ورنديءَ ۾ هڪڙو لفظ بہ نہ ڳالهايو.


هو ڊڄندا خداوند کان هئا پر عبادت پنهنجن معبودن جي ڪندا هئا، جنهن دستور اُهي قومون ڪنديون هيون، جن منجهان هو کڄي آيا هئا.


انهيءَ طرح هي قومون خداوند کان ڊڄنديون هيون پر پنهنجن اُڪريل بتن جي عبادت ڪنديون هيون؛ اُنهن جو اولاد ۽ انهن جي اولاد جو اولاد بہ ائين ڪندو هو، جيئن سندن ابا ڏاڏا ڪندا هئا، ۽ ائين هو اڄ ڏينهن تائين ڪندا اچن.


س مون کي ٻيائي ڪندڙن سان نفرت آهي؛ پر آءٌ تنهنجيءَ شريعت کي پيار ٿو ڪريان.


۽ خداوند فرمايو تہ هيءَ اُمت منهنجي ويجهو ٿي اچي، ۽ پنهنجي وات سان، ۽ پنهنجن چپن سان منهنجي تعظيم ٿي ڪري؛ پر پنهنجي دل مون کان پري ڪئي اٿس، ۽ منهنجو ڊپ رڳو ماڻهن جي حڪم ڪري اٿس، جو کين سيکاريو ويو آهي.


هن جي دل ورهائجي وئي آهي؛ هاڻي هو ڏوهاري ٺهرايا ويندا: هو ان جي قربانگاهن کي ڌڪ هڻندو، هو انهن جي ٿنڀن کي خراب ڪندو.


بدن جو ڏيئو آهي اک، تنهنڪري جيڪڏهن تنهنجي اک ٺيڪ هوندي تہ تنهنجو سڄو بدن روشنيءَ سان ڀريل هوندو.


ڪوبہ ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو يا تہ هو هڪڙي سان عداوت ڪندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو، يا تہ وري هڪڙي سان ميل رکندو ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.


ڇالاءِ جو اهڙي ماڻهوءَ کي ائين سمجهڻ نہ گهرجي تہ کيس خداوند کان ڪي ڪجهہ ملندو؛


خدا جي ويجهو وڃو تہ هو بہ اوهان جي ويجهو ايندو. اي گنهگارو، پنهنجا هٿ صاف ڪريو؛ ۽ اوهين جي ٻِہ چِتيا آهيو، سي پنهنجيون دليون پاڪ ڪريو.


انهن جي اکين مان زنا پيو بَکي، ۽ گناهہ ڪرڻ کان بس نٿا ڪن؛ ۽ جيڪي غير مستقل مزاج آهن، تن کي ڦاسايو وٺن؛ انهن جي دل لالچ ۾ ڏاڍي چالاڪ آهي؛ ۽ اُهي لعنت جا ٻار آهن.


۽ جهڙيءَ طرح هن پنهنجي سڀني خطن ۾ بہ هنن ڳالهين بابت ذڪر ڪيو آهي، انهن مان ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جن جو سمجهڻ مشڪل آهي، ۽ جنهن جي معنيٰ جاهل ۽ غير مستقل ماڻهو ڦيرائي اُبتي پيا ڪن، جيئن ڪ ٻين پاڪ لکيتن جي بہ ڪندا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ کي برباد ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ