Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 1:18 - Sindhi Bible

18 هن پنهنجيءَ مرضيءَ سان حق جي ڪلام جي وسيلي اسان کي پيدا ڪيو، تہ اسين سندس پيدا ڪيل خلقت مان هڪڙي قسم جو پهريون ڦل ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي سنديش وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس رچيل شين ۾ پهريون ڦل بڻجون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي پيغام وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس مخلوقات ۾ پهريون ڦل بڻجون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ھن پنھنجي ارادي سان اسان کي سچ جي ڪلام جي وسيلي پيدا ڪيو، انھيءَ لاءِ تہ اسين سندس ساري مخلوقات ۾ اول درجو حاصل ڪريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 1:18
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسرائيل خداوند جي لاءِ پاڪ، ۽ سندس فصل جو پهريون ڦر هو: جيڪي انهي کي ڳڙڪائيندا سي ڏوهاري ٺهرائڻ ۾ ايندا؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهن تي مصيبت ايندي.


تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جيڪا زمين آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو، ۽ انهيءَ جو فصل لڻو، تڏهن اوهين پنهنجي فصل جي پهرئين اَن جو گڏو ڪاهن وٽ آڻجو:


افسوس آهي انهن جي حال تي، جي صيون ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ انهن جي حال تي، جي سامريہ جي جبل ۾ صحيح سلامت آهن، ۽ انهن مشهور ماڻهن جي حال تي، جي قوم جا سردار آهن، ۽ جن وٽ اسرائيل جي گهراڻي وارا اچن ٿا!


جي نہ رت مان، نہ جسم جي خواهش مان، نہ انسان جي ارادي مان، پر خدا مان پيدا ٿيا.


(جهڙيءَ طرح ڪ لکيل آهي تہ ”مون توکي گهڻين قومن جو پيءُ ٺهرايو آهي.“) يعني اُنهي خدا جي اڳيان جنهن تي هن ايمان آندو، جو مُئلن کي جياري ٿو، ۽ جي شيون ناهن تن کي ائين ٿو سڏي ڄڻ تہ اُهي اڳيئي آهن.


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ اوهان کي مسيح ۾ ڏهہ هزار اُستاد هجن تہ بہ اوهان جا گهڻا ابا ناهن. ڇالاءِ جو خوشخبريءَ جي وسيلي آئون ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ پيءُ ٿيس.


سچ جي ڪلام ۾، خدا جي قدرت ۾؛ راستبازيءَ جي هٿيارن سان سڄي پاسي ۽ کٻي پاسي؛


انهي لاءِ تہ اسين، جن اڳيئي مسيح ۾ اُميد رکي هئي، سي انهي جي جلال جي تعريف جو سبب ٿيون.


جنهن ۾ اوهان بہ سچائيءَ جو ڪلام، يعني پنهنجيءَ نجات جي خوشخبري ٻُڌي؛ ۽ جنهن تي اوهان ايمان بہ آندو، ۽ واعدي ڪيل پاڪ روح جي اوهان تي مهر لڳي،


ڪوشش ڪري پاڻ کي خدا وٽ مقبول، ۽ اهڙي ڪم ڪندڙ وانگر پيش ڪر، جو درستيءَ سان حق جو ڪلام استعمال ٿو ڪري، تان تہ شرمندو نہ ٿئي.


۽ پهريتن جي عام جماعت، يعني ڪليسيا وٽ، جن جا نالا آسمان جي ياداشت ۾ داخل آهن. ۽ سڀني جي منصف خدا وٽ، ۽ ڪامل ڪيل راستبازن جي روحن وٽ،


پوءِ اها خواهش حاملہ ٿي گناهہ ٿي ڄڻي: ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿو ٿئي، تڏهن موت ٿو آڻي.


تنهنڪري بڇڙائيءَ جي سڀ گندگي ۽ زيادتي ڇڏي، اُهو پوکيل ڪلام تحمل سان قبول ڪريو، جو اوهانجن روحن کي بچائي ٿو سگهي.


پر جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ سخت حسد ۽ نفاق آهي تہ فخر نہ ڪريو، نڪي سچ جي برخلاف ڪوڙ ڳالهايو.


ڇالاءِ جو اوهين فاني ٻج مان نئين سر پيدا نہ ٿيا آهيو، پر غير فاني ٻج مان، يعني خدا جي ڪلام جي وسيلي، جو زندہ ۽ قائم آهي.


اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ مبارڪ هجي، جنهن پنهنجي بيحد رحم سان يسوع مسيح جي مُئلن مان جي اُٿڻ جي ڪري اسان کي زيادہ اُميد جي لاءِ وري نئين سر پيدا ڪيو؛


جيڪو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي سو گناهہ نٿو ڪري، ڇالاءِ جو هن جو ٻج منجهس رهي ٿو: ۽ هو گناهہ ڪري ئي ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو هو خدا مان پيدا ٿيل آهي.


هي اُهي ماڻهو هئا، جي زالن سان ناپاڪ نہ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪنوارا هئا ۽ گهيٽي جي پٺيان جيڏانهن هو وڃي ٿو اوڏانهن ٿا وڃن. اُهي مخلوقات مان خريد ڪيا ويا هئا، تہ خدا لاءِ ۽ گهيٽي لاءِ پهريون ڦل ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ