Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 1:13 - Sindhi Bible

13 جڏهن ڪو ماڻهو آزمائش ۾ پوي، تڏهن انهي کي ائين چوڻ نہ گهرجي تہ منهنجي آزمائش خدا جي طرفان آهي، ڇالاءِ جو خدا پاڻ بڇڙائيءَ سان آزمايو نٿو وڃي، نڪي هو ڪنهن ماڻهوءَ کي آزمائي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 جيڪڏهن آزمائش جي گھڙيءَ ۾ ڪو ماڻهو پاپ ڏانهن ڇڪجي وڃي تڏهن هو ائين نہ چوي تہ ”اهو سڀ ايشور جي طرفان ٿئي ٿو.“ ياد رکو تہ ايشور بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو آزمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جيڪڏهن آزمائش جي گھڙيءَ ۾ ڪو ماڻهو گناهہ ڏانهن ڇڪجي وڃي تڏهن هو ائين نہ چوي تہ ”اهو سڀ خدا جي طرفان ٿئي ٿو.“ ياد رکو تہ خدا بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٿو آزمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 جيڪڏھن ڪو ماڻھو آزمائش ۾ پوي تڏھن کيس ائين چوڻ نہ گھرجي تہ ”آءٌ خدا جي طرفان آزمايو ٿو وڃان.“ ڇالاءِ⁠جو خدا بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنھن ماڻھوءَ کي ٿو آزمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 1:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو خداوند ابرهام جي آزمائش ورتي ۽ چيائينس تہ ابرهام، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.


تڏهن آدم چيو تہ هيءَ زال جا تو مون کي ڏني آهي، تنهن مون کي انهي وڻ جو ميوو ڏنو ۽ مون کاڌو.


اي خداوند ڇو تون اسان کي پنهنجن رستن کان گمراهہ ٿو ڪرين، ۽ اسان جي دل کي سخت ٿو ڪرين تہ تنهنجو ڊپ نہ رکون؟ پنهنجن بندن جي خاطر، ۽ پنهنجي ميراث جي قبيلن جي خاطر موٽي اچ.


يسوع هن کي چيو، تہ هيئن بہ لکيل آهي، تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزمائج.“


مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جنهن تي آزمائش ٿي اچي تہ بہ قائم ٿو رهي؛ ڇالاءِ جو جڏهن هو قبول پوندو، تڏهن زندگيءَ جو اهو تاج حاصل ڪندو، جنهن جو خداوند پنهنجي محبت ڪرڻ وارن کي واعدو ڏنو آهي.


پر سڀڪو ماڻهو پنهنجين خواهشن ۾ ڇڪجي ۽ ٺڳجي، آزمائشن ۾ ٿو پوي.


اي منهنجا ڀائرو، جڏهن اوهين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏهن انهن کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهہ ڪري سمجهو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ