Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 1:11 - Sindhi Bible

11 ڇالاءِ تہ سج اُڀرندي ئي جهولو لڳڻ شروع ٿو ٿئي، جو گاهہ کي سُڪائي ٿو ڇڏي؛ ۽ انهي جو گل ڪِريو پوي، ۽ سندس خوبصورتي گم ٿيو وڃي؛ انهي طرح دولتمند ماڻهو بہ هلندي هلندي ڪومائجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 هن ڪري جو جڏهن سج جي تيز اُس ان ٻوٽي تي پوي ٿي ۽ ان کي سڪائي ٿي ڇڏي، تڏهن انهيءَ جو گل ڇڻيو پوي ۽ خوبصورتي ختم ٿيو وڃيس. ساڳيءَ طرح دولتمند ماڻهو بہ دولت جي پٺيان لڳي برباد ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هن ڪري جو جڏهن سج جي تيز اُس ان ٻوٽي تي پوي ٿي ۽ ان کي سڪائي ٿي ڇڏي، تڏهن انهيءَ جو گل ڇڻيو پوي ۽ خوبصورتي ختم ٿيو وڃيس. ساڳيءَ طرح دولتمند ماڻهو بہ دولت جي پٺيان لڳي برباد ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ھن ڪري جو سج اڀرڻ سان جھولو شروع ٿئي ٿو ۽ اھو گاھہ کي سڪائي ٿو ڇڏي. گاھہ جو گل ڇڻيو پوي ۽ سندس خوبصورتي ختم ٿيو وڃي. ساڳيءَ طرح دولتمند ماڻھو بہ پنھنجو ڌنڌو ڪندي ڪندي زوال ھيٺ اچي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 1:11
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڌاريا ماڻهو ساڻا ٿي ويندا، ۽ پنهنجن قلعن مان ڏڪندا نڪري ايندا.


منهنجي ڄمار پاڇي وانگي گذرندي وڃي؛ آءٌ گاهہ وانگيان ڪومائجي ويو آهيان.


منهنجي دل گاهہ وانگي ڪومائجي ۽ سڪي ويئي آهي؛ ۽ آءٌ پنهنجي ماني کائڻ بہ ڀلجيو وڃان.


انسان جي حياتي گاهہ جي مثل آهي؛ هو جهنگلي گل وانگي وڌي ٿو.


ڇالاءِ جو اُهي گاهہ وانگي سگهو ئي وڍجي ويندا، ۽ سائي ٻوٽي وانگر ڪومائجي ويندا.


بيشڪ هرڪو ماڻهو اجائي ڏيک سان ٿو هلي: ۽ اجايو بي آرام ٿو ٿئي: هو مال گڏ ٿو ڪري ۽ خبر ڪانہ اٿس تہ اُهو ڪنهن کي ملندو.


هو صبح جو وڌي وڏو ٿئي ٿو؛ پر سانجهيءَ جو وڍجي ٿو وڃي ۽ ڪومائجي ٿو وڃي.


جيئن هو پنهنجي ماءُ جي پيٽان آيو آهي، تيئن هو اگهاڙو ئي اُگهاڙو، جهڙو آيو تهڙو موٽي ويندو، ۽ پنهنجي پورهئي مان ڪجهہ بہ حاصل نہ ٿيندس جو پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃي.


افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!


۽ هن جي شاندار سونهن جو ڪومائجندڙ گل، جو آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، سو اونهاري کان اڳي پهرئين پڪل انجير وانگي ٿيندو، جنهن تي جڏهن ڪنهن جي نظر ٿي پوي تہ ڏسندي ئي، ۽ هٿ ۾ ايندي ئي، کايو ڇڏي.


انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو.


۽ جڏهن سج نڪتو تڏهن اُهي سڙي ويا ۽ پاڙ نہ هئڻ سبب سُڪي ويا.


اسان جن سڄو ڏينهن پورهيو ڪيو ۽ اُس سَٺي، تن کي تو هنن پوئين جي برابر ڪيو آهي، جن فقط هڪڙو ڪلاڪ ڪم ڪيو.


پر جيڪڏهن جهنگ جو گاهہ جو اڄ آهي ۽ سڀاڻي کڻي کوري ۾ اُڇلبو، تنهن کي خدا اهڙيءَ طرح ٿو پهرائي، تڏهن اي ڪم اعتقادو، اوهان کي هو اُنهن کان گهڻو وڌيڪ نہ پهرائيندو ڇا؟


۽ جڏهن سج اُڀريو تڏهن اُهي سڙي ويا؛ ۽ پاڙ نہ هئڻ جي ڪري سُڪي ويا.


جيڪي دنياداريءَ ۾ آهن سي انهي ۾ غلطان نہ ٿين، ڇالاءِ جو هن دنيا جو ڍنگ مٽجندو ٿو وڃي.


تہ اسين هڪڙو غير فاني، ۽ بي داغ، ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جو خاص اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي.


۽ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي جلال جو اهڙو ڇَٽ ملندو، جو ڪومائجڻ جو ناهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ