Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 1:1 - Sindhi Bible

1 خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي بندي يعقوب جي طرفان اُنهن ٻارهن قبيلن کي سلام رسن، جي جدا جدا ملڪن ۾ ٿا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هي خط ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي داس مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي ايشور جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي نمسڪار ٿو چوان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هي خط خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ٻانهي مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي خدا جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي سلام ٿو چوان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھي خط يعقوب جي طرفان آھي، جيڪو خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو ٻانھو آھي. آءٌ انھن خدا جي چونڊيل ماڻھن کي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل آھن سلام ٿو چوان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 1:1
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يعقوب، جنهن وٽ خدا جو ڪلام آيو تہ تنهنجو نالو اسرائيل ٿيندو، تنهن جي پٽن جي فرقن جي تعداد موجب ايلياہ ٻارهن پٿر کنيا.


۽ انهيءَ خدا جي گهر جي تصدق ڪرڻ لاءِ، هنن هڪ سؤ ڍڳا، ٻہ سؤ گهٽا، ۽ چار سؤ گهيٽا قربان ڪيا؛ ۽ سڄي اسرائيل جي طرفان گناهہ جي قربانيءَ لاءِ اسرائيل جي فرقن جي شمار موجب، ٻارهن ٻڪر قرباني ڏنائون.


۽ هامان بادشاهہ اخسويرس کي چيو تہ هڪڙي قوم آهي، جا بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ ۽ ٻين قومن ۾، گڏيل ۽ پري پري پکڙيل آهي؛ ۽ انهن جا قاعدا ٻين سڀني قومن جي قاعدن کان علحدا آهن؛ هو بادشاهہ جي قاعدن تي نٿا هلن: تنهنڪري انهن کي ائين ڇڏي ڏيڻ مان بادشاهہ کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.


پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون، ۽ صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري تي هڪڙي قربانگاهہ، ۽ اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي حساب موجب ٻارهن ٿنڀ جوڙيائين.


اهي پهڻ اسرائيل جي پٽن جي نالن موافق ۽ سندن نالن جي شمار موجب ٻارهن هجن. اهي ٻارهن قبيلن جي لاءِ هجن، يعني جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن هرهڪ تي هڪڙي قبيلي جو نالو اُڪريل هجي.


اهي جواهر اسرائيل جي پٽن جي نالن موافق، سندن نالن جي شمار موجب ٻارهن هئا؛ اهي ٻارهن قبيلن لاءِ هئا، يعني جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن هرهڪ تي هڪڙي قبيلي جو نالو اُڪريل هو.


۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ هنن کي قومن ۾ پکيڙيندس ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪندس.


۽ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ دربدر ڪندس، ۽ اوهان جي پٺيان ترار ڪڍندس: ۽ اوهان جو ملڪ ويران، ۽ اوهان جا شهر غير آباد ٿي ويندا.


فلپس، ۽ برتلمئي، توما، ۽ متي محصولي ٺيڪيدار؛ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدئي،


هي هن واڍي جو پٽ نہ آهي ڇا؟ سندس ماءُ جو نالو مريم نہ آهي ڇا؟ ۽ سندس ڀائر يعقوب ۽ يوسف ۽ شمعون ۽ يهوداهہ نہ آهن ڇا؟


۽ يسوع هنن کي چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ نئين پيدائش ۾ جڏهن ابن آدم پنهنجي جلال جي تخت تي ويهندو، تڏهن اوهين جي منهنجي پٺيان آيا آهيو، سي بہ ٻارهن تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا.


۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ توما، ۽ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدي، ۽ شمعون ڪنعاني،


تہ اوهين منهنجيءَ بادشاهت ۾ مون سان گڏ ميز تي کائو پيئو؛ ۽ اوهين تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا.


۽ متي ۽ ٿوما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون جنهن کي زيلوتيس ڪري سڏيندا هئا،


جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري، تہ منهنجي پٺيان اچي؛ ۽ جتي آئون آهيان، اتي منهنجو خدمتگار بہ هوندو: جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري تہ اُنهي کي پيءُ عزت ڏيندو.


تڏهن يهودي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جو اسين لهي ڪين سگهنداسونس؟ يونان منجهہ جي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن، تن وٽ وڃي يونانين کي تعليم ڏيندو ڇا؟


۽ جڏهن اتي پهتا، تڏهن اُنهيءَ ماڙيءَ تي چڙهي ويا، جتي پطرس، ۽ يوحنا، ۽ يعقوب، ۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ توما، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ حلفي جو پٽ يعقوب، ۽ شمعون زلوتيس، ۽ يعقوب جو پٽ يهودا، اهي سڀيئي رهندا هئا.


پر هن هٿ سان اشارو ڏيئي چين تہ ماٺ ڪريو، پوءِ ٻُڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس قيدخاني مان ڇڏايو. ۽ چيائين تہ هن ڳالهہ جي يعقوب ۽ ٻين ڀائرن کي خبر ڏجو. پوءِ پاڻ نڪري ٻئي هنڌ هليو ويو.


۽ جڏهن هنن بس ڪئي، تڏهن يعقوب ورندي ڏيئي چيو، تہ اي ڀائرو، منهنجي ڳالهہ ٻُڌو؛


ڇالاءِ جو قديم زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي توريت ٻُڌائڻ وارا هلندا ٿا اچن، جي سڀ ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخانن ۾ اها پڙهندا آهن.


۽ سندن هٿان هيئن لکي موڪليائون تہ جيڪي غير قومن وارا ڀائر انتاڪيہ، ۽ شام، ۽ ڪلڪيہ ۾ ٿا رهن، تن کي رسولن ۽ بزرگن جا سلام رسن:


هاڻي ساري زمين تي جيڪي قومون آهن، تن مان ديندار يهودي يروشلم ۾ رهندا هئا.


۽ ٻئي ڏينهن پولس اسان سان گڏجي يعقوب وٽ هليو ۽ سڀ بزرگ بہ اُتي ويٺا هئا.


جناب فيلڪس صاحب بهادر حاڪم کي ڪلوديس لوسياس جا سلام پهچن.


۽ انهي واعدي جي پوري ٿيڻ جي اُميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا ڏاڍي دل سان رات ڏينهن خدا جي عبادت پيا ڪن. انهيءَ ئي اميد جي ڪري، بادشاهہ سائين، يهودين مون تي هيءَ تهمت رکي آهي.


۽ شائول هن جي قتل ڪرڻ تي راضي هو. ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪا ڪليسيا يروشلم ۾ هئي، تنهن تي ڏاڍو ظلم ٿيڻ لڳو؛ ۽ رسولن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ يهوديہ ۽ سامريہ جي ملڪن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا.


پولس، جو يسوع مسيح جو غلام آهي، ۽ رسول ٿيڻ جي لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي،


پر خداوند جي ڀاءُ يعقوب کانسواءِ ٻئي ڪنهن رسول کي مون ڪونہ ڏٺو.


ڇالاءِ جو يعقوب وٽان ڪن ماڻهن جي اچڻ کان اڳي هو غير قومن سان کائيندو هو، پر جڏهن هو آيا، تڏهن مختونن جي ڊپ کان هو پٺتي هٽي ويو، ۽ پاڻ کي ڌار ڪيائين.


۽ جيڪو فضل مون کي ڏنو ويو سو جڏهن هنن کي معلوم ٿيو تڏهن، يعقوب ۽ ڪيفاس ۽ يوحنا، جي ڪليسيا جا ارڪان ليکبا هئا، تن مون کي ۽ برناباس کي پنهنجو ساڄو هٿ ڏيئي، شراڪت ۾ قبول ڪيو، انهي لاءِ تہ اسين غير قومن ڏانهن وڃون، ۽ هو مختونن وٽ وڃن.


۽ خداوند اوهان کي زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، سڀني قومن ۾ دربدر ڪندو، اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانهي.


تڏهن خداوند تنهنجو خدا تنهنجو قيد ڦيرائي ڇڏيندو، ۽ توتي رحم ڪندو، ۽ جن جن قومن ۾ خداوند تنهنجي خدا توکي دربدر ڪيو هوندو، تن سڀني مان توکي موٽائي آڻي گڏ ڪندو.


مون چيو تہ آءٌ انهن کي پري پري پکيڙي ڇڏيندس، آءٌ انهن جي يادگيري ماڻهن منجهان ڪڍي ڇڏيندس.


۽ خداوند اوهان کي قومن ۾ دربدر ڪندو، ۽ جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو شمار گهڻو گهٽجي ويندو.


مسيح يسوع جي بندن پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان مسيح يسوع جي انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي فلپي ۾ آهن، نگهبانن (بشپن) ۽ خادمن ڊيڪنن سميت:


ڪوشش ڪري سياري کان اڳي اچج. يوبولس ۽ پودينس ۽ لينس ۽ ڪلوديس ۽ ٻيا سڀ ڀائر بہ توکي سلام ٿا چون.


پولس، جو خدا جو بندو ۽ يسوع مسيح جو رسول آهي، تنهن جي طرفان خدا جي چونڊيلن جي ايمان ۽ اُنهي حق جي سياڻپ موجب، جا دينداريءَ موافق آهي،


يسوع مسيح جي رسول، پطرس جي طرفان انهن مسافرن ڏانهن جي پنطس، ۽ گلتيہ، ۽ ڪپدڪيا، ۽ آسيا، ۽ بٿنيہ ۾ پکڙيل آهن،


يسوع مسيح جي بندي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انهن ڏانهن، جن اسان جي خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي راستبازيءَ ڪري اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آهي:


يهوداهہ، جو يسوع مسيح جو غلام ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهي، تنهن جي طرفان انهن ڏانهن جيڪي سڏيل، ۽ خدا پيءُ جا پيارا، ۽ يسوع مسيح لاءِ حفاظت ۾ رکيل آهن،


۽ جن تي مهر هنئي ويئي تن جو تعداد مون ٻُڌو تہ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان هڪ لک ۽ چوئيتاليهہ هزارن تي مهر لڳي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ