Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 9:13 - Sindhi Bible

13 انهيءَ هوندي بہ ماڻهو انهيءَ ڏانهن نہ لڙيا آهن جنهن هنن کي ماريو، نڪي هنن لشڪرن جي خداوند کي ڳوليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اسرائيل وارا ماڻهو اڃا بہ پنهنجي انهيءَ سيکت ڏيڻ واري آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا آهن، نڪي انهيءَ قادرِمطلق خداوند جا طالبو ئي بڻيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 9:13
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پنهنجي تنگيءَ جي وقت ۾ انهيءَ ساڳي بادشاهہ آخز اڃا بہ زيادہ خداوند جي برخلاف گناهہ ڪيا.


پر جيڪي دل ۾ بيدين آهن سي غضب گڏ ٿا ڪن: تن کي جڏهن هو ٻڌي قابو ٿو ڪري تڏهن هو مدد لاءِ رڙيون نٿا ڪن.


ڇالاءِ اڃا بہ اوهين مار کائيندا، جو وڃو وڌيڪ فساد ڪندا؟ سارو مٿو بيمار آهي ۽ سڄي دل ماندي آهي.


نڪي مصر جي لاءِ اهڙو ڪو ڪم رهندو، جو مٿو يا پڇ، يا خاص يا عام ڪري سگهي.


اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.


انهن تي افسوس آهي جي مدد جي لاءِ مصر ڏانهن ٿا وڃن، ۽ جي گهوڙن تي ۽ گهڻين جنگي گاڏين تي، ۽ زور وارن سوارن تي ڀروسو ٿا رکن؛ پر هو اسرائيل جي قدوس ڏانهن نٿا نهارين، نڪي خداوند کي ٿا ڳولين!


هن جي لالچ جي برائيءَ جي ڪري مون کي ڪاوڙ آئي، ۽ مون هن کي ماريو، مون ڪاوڙجي پنهنجو منهن لڪايو: ۽ هو بيحيائي ڪري پنهنجي دلپسند رستي تي هلندو رهيو.


انهي ڏينهن جيڪا ڀاڙي ڪيل پاڪي نديءَ جي هن ڀر وارن ڀاڱن ۾ آهي، يعني اسور جي بادشاهہ وٽ، تنهن سان خداوند مٿي ۽ پيرن جا وار ڪوڙيندو: ۽ اها پاڪي ڏاڙهي بہ چٽ ڪري ڇڏيندي.


۽ مون هنن کي هن ملڪ جي چونڪن ۾ پاهوڙي سان اڏايو آهي؛ مون هنن کان ٻار کسي ورتا آهن، مون پنهنجي قوم کي ناس ڪري ڇڏيو آهي؛ تہ بہ هو پنهنجن رستن کان باز نہ آيا آهن.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي اوهان جي حق ۾ منهنجا خيال آهن، سي آءٌ ڄاڻان ٿو، اُهي خير سلامتيءَ جا خيال آهن نہ خرابي جا، يعني تہ اوهان جي پڇاڙيءَ ۾ اوهان کي اُميد ڏيان.


اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.


اي آدمزاد، هن کي چئُہ تہ تون اُها زمين آهين جا صاف نہ ٿي آهي، ۽ نہ جنهن تي ڪاوڙ جي ڏينهن مينهن پيو آهي.


تنهنجي گندگيءَ ۾ شهوت پرستي آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون توکي صاف ۽ پاڪ ڪيو، تڏهن تون صاف نہ ٿئينءَ، سو اڳتي تون ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندينءَ، جيستائين آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊي نہ رهندس.


جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تيئن ئي هيءَ سڀ خرابي اسان تي آئي آهي؛ انهي هوندي بہ اسان منٿ ڪري خداوند پنهنجي خدا جو فضل نہ گهريو آهي، تہ پنهنجين بدڪارين کان باز اچون، ۽ هن جي سچ جي سمجهہ رکون.


آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.


۽ اسرائيل جي مغروري سندس منهن اڳيان ثابتي ٿي ڏئي: انهي هوندي بہ هو خداوند پنهنجي خدا وٽ نہ موٽيا آهن، ۽ نہ ايتري چوندي بہ انهي کي ڳوليو اٿن.


هو موٽن ٿا پر نہ انهي وٽ، جو مٿي آهي: هو هڪڙي ڪوڙي ڪمان وانگر آهن: هنن جا امير پنهنجي زبان جي جوش ڪري ترار سان ڪِرندا: اها هنن جي لاءِ مصر جي ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.


مون اوهان ۾ مري موڪلي آهي، جيئن ڪ مصر ۾ موڪلي هيم: اوهان جي جوانن کي مون ترار سان قتل ڪيو آهي ۽ اوهان جا گهوڙا قيد ڪرايا اٿم؛ ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ جي بدبوءِ اوهانجين ناسن تائين آندي اٿم: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


پر مون اوهان کي اوهانجن سڀني شهرن ۾ ڏندن جي صفائي ڏني آهي، ۽ اوهانجن سڀني مڪانن ۾ مانيءَ جي گهٽتائي، انهيءَ هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


۽ انهن کي بہ جي خداوند کان ڦري ويا آهن؛ ۽ جن خداوند کي نہ ڳوليو آهي ۽ نہ سندس ڪا پڇا ڪئي اٿن.


پر جيڪڏهن اتي بہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا، ۽ پنهنجيءَ سچيءَ دل سان، ۽ پنهنجي سچي روح سان هن جي ڳولا ڪندا، تہ هن کي لهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ