Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 9:1 - Sindhi Bible

1 پر جيڪا اڳي ڏک ۾ هئي تنهن لاءِ اونداهي نہ هوندي. اڳوڻي وقت ۾ هن زبولون جي زمين کي، ۽ نفتالي جي زمين کي حقارت جهڙو ڪيو هو، پر پوئين وقت ۾ هن انهيءَ کي سمنڊ جي رستي کان، يردن جي هن ڀر، يعني قومن جي گليل کي عزت وارو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پر جيڪي اڳي ڏک ۾ هئا تن لاءِ ڪا اونداهي نہ هوندي. اڳ ۾ خدا زبولون ۽ نفتالي قبيلن جي علائقن کي حقارت جهڙو ڪيو هو. پر ايندڙ زماني ۾ ڀونوچ سمنڊ کان وٺي اردن درياءَ جي اوڀر پاسي تائين، بلڪ گليل واري علائقي سميت جتي غير قومون رهن ٿيون، يعني سڄي اسرائيل ملڪ کي هو عزت وارو ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 9:1
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


۽ اسرائيل جي خدا، اسور جي بادشاهہ پول، ۽ اسور جي بادشاهہ تلگات پلناصر جي دل ۾ وڌو، ۽ اهو هنن کي قيد ڪري وٺي ويو، يعني روبين ۽ جدين کي، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي، ۽ انهن کي خلح، ۽ خابور، ۽ هارا، ۽ جوزان نديءَ تائين آندائين، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.


۽ بن هدد، بادشاهہ آسا جي ڳالهہ مڃي، ۽ پنهنجن لشڪرن جا سردار اسرائيل جي شهرن تي چاڙهي موڪليائين؛ ۽ انهن عيون، ۽ دان، ۽ ابيل مائم، ۽ نفتاليءَ جي سڀني گدامن وارن شهرن کي تباهہ ڪيو.


۽ وري زمين ڏي نهاريندا، ۽ ڏسو، هو مصيبت، ۽ اونداهي، ۽ ڏک جي پيڙا ۾، ۽ ڀڀ اونداهيءَ ۾ هڪليا ويندا.


تہ پوءِ آءٌ بہ اوهان جي برخلاف ٿيندس؛ ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


تہ آءٌ ڪاوڙجي اوهان جي برخلاف ٿيندس؛ ۽ اوهان کي اوهانجن گناهن کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.


پوءِ موسيٰ ۽ ٻين نبين کان وٺي سندس بابت جيڪي ڳالهيون مڙني پاڪ لکيتن ۾ هيون، سي انهن کي کولي ٻُڌائڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ