2 ۽ آءٌ پنهنجي لاءِ شاهدي وجهڻ واسطي ٻہ سچا شاهد، اورياہ ڪاهن ۽ ذڪرياہ بن يبرڪياہ وٺندس.
جڏهن هو بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن پنجويهن ورهين جو هو؛ ۽ هن يروشلم ۾ اوڻٽيهہ ورهيہ بادشاهہ ڪئي: ۽ هن جي ماءُ جو نالو ابي هو ۽ هوءَ زڪرياہ جي ڌيءَ هئي.
تون اها شاهدي بند ڪر، ۽ شريعت تي مهر هڻي منهنجي شاگردن کي ڏي.
۽ مون انهي دستاويز جي هيٺان صحيح ڪئي، ۽ انهيءَ تي مهر هنيم، ۽ شاهد سڏيم، ۽ ساهميءَ ۾ پئسا توري هن کي ڏنم.
هي ٽيون ڀيرو آهي جو آئون اوهان ڏانهن ٿو اچان. ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان سڀڪا ڳالهہ ضرور ثابت ٿي پوندي.
۽ هن شهر جي بزرگن مان ڏهہ ڄڻا ڪوٺيا ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين هتي ويهي رهو، ۽ هو ويهي رهيا.