Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 8:13 - Sindhi Bible

13 اوهين رڳو لشڪرن جي خداوند کي پاڪ ڄاڻجو؛ ۽ انهيءَ کان ڊڄجو، ۽ انهيءَ جو خوف رکجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 ياد رکو، اوهين رڳو مون قادرِمطلق خداوند کي پاڪ ڄاڻو، مون کان ئي ڊڄو ۽ منهنجو ئي خوف رکو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 8:13
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابرهام جو خدا، ۽ نحور جو خدا، ۽ سندن پيءُ جو خدا، اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪندو. تڏهن يعقوب انهيءَ جو قسم کنيو، جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو.


رڳو تو کان ئي ڊڄڻ گهرجي: جڏهن تون ڪاوڙبين تڏهن ڪير تنهنجي اڳيان بيهي سگهندو.


پر موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو خدا اوهان جي آزمائش وٺڻ آيو آهي، تہ هن جو خوف اوهان جي سامهون رهي، ۽ اوهين گناهہ نہ ڪريو.


پر جڏهن هو پنهنجو اولاد، يعني منهنجن هٿن جي ڪاريگري پنهنجي وچ ۾ ڏسندو، تڏهن هو منهنجي نالي کي پاڪ مڃيندا؛ هائو، اهي يعقوب جي قدوس خدا جي تقديس ڪندا، ۽ اسرائيل جي خدا جي ڊپ ۾ رهندا.


پر لشڪرن جي خداوند جو درجو عدالت جي ڪري مٿي ڪيو ويو آهي.


۽ تون منهنجي قوم اسرائيل تي ائين چڙهي ايندين جيئن بادل زمين کي ڍڪي ڇڏي؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ آءٌ توکي پنهنجي زمين تي چاڙهي آڻيندس تہ قومون مون کي سڃاڻن، ۽ آءٌ هنن جي اکين اڳيان، اي جوج، تنهنجي ڪري پاڪ ظاهر ٿيندس.


تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.


۽ اوهين منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي نہ ڪجو؛ پر آءٌ بني اسرائيل ۾ پاڪ ليکجڻ ۾ ايندس: آءٌ خداوند آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان؛


هن سان منهنجو عهد زندگيءَ ۽ سلامتيءَ جو هو: ۽ مون هن کي زندگي ۽ سلامتي انهيءَ لاءِ بخشي تہ هو منهنجو ڊپ رکي، ۽ سچ پچ هو مون کان ڊنو ۽ منهنجي نالي جي تعظيم ڪيائين.


ڇالاءِ جو صين جي بيابان ۾، جڏهن جماعت مون سان جهيڙو ڪيو، تڏهن اوهان هنن جي روبرو منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي، پر پاڻيءَ جي چشمي وٽ اوهان منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو. (هي اهو قادس وارو مريبہ جو چشمو آهي، جو صين جي بيابان ۾ آهي.)


۽ جيڪي بدن کي ماري ٿا وجهن، پر روح کي ماري نٿا سگهن، تن کان نہ ڊڄو، پر اُنهي کان ڊڄو جو روح ۽ بدن ٻنهي کي جهنم ۾ وجهي برباد ڪري ٿو سگهي.


پر آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ ڊڄو انهي کان، جنهن کي مارڻ کانپوءِ جهنم ۾ وجهڻ جي قدرت آهي؛ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ انهي کان ڊڄو.


۽ نڪي بي ايمان ٿي خدا جي واعدي تي شڪ ڪيائين، بلڪ ايمان ۾ پڪو ٿي خدا جي تعريف ڪيائين،


۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجي اَن، ۽ پنهنجي شراب، ۽ پنهنجي تيل جو ڏهون حصو، ۽ پنهنجي ڍورن، ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا خداوند جي حضور ۾ کائج؛ انهي لاءِ تہ تون هميشہ خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄڻ سکين.


اي خداوند، ڪير توکان نہ ڊڄندو ۽ تنهنجي نالي جي وڏائي نہ ڳائيندو؟ ڇالاءِ جو تون ئي اڪيلو پاڪ آهين؛ ۽ سڀيئي قومون تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، جو تنهنجي انصاف جا ڪم پڌرا ٿيا آهن.


۽ هن ڏاندن جو هڪڙو جوڙو کڻي انهن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو، ۽ اُهي قاصدن جي هٿان اسرائيل جي سڀني سرحدن ۾ موڪلي ڏنائين، ۽ چوائي موڪليائين تہ جيڪو سائول ۽ سموئيل جي پٺيان نڪري نہ ايندو تنهن جي ڏاندن جو بہ ساڳيو حال ڪيو ويندو، ۽ خداوند جو خوف ماڻهن تي پيو، ۽ اُهي سڀيئي گڏجي نڪري آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ