Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 8:10 - Sindhi Bible

10 گڏجي صلاح مصلحت ڪريو، پر اها ڪنهن ڪم جي نہ ٿيندي؛ ڪا ڳالهہ ڪريو پر اها بيهڪ نہ وٺندي: ڇالاءِ جو خدا اسان سان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ڀلي اوهين گڏجي خوب صلاح مصلحت ڪريو، پر اها ڪنهن ڪم جي نہ ٿيندي. اوهين جيڪو بہ منصوبو جوڙيندا، سو ناڪام ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان سان گڏ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 8:10
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت هيئن ٿيو جو ابي ملڪ ۽ سندس سپهہ سالار فيڪل، ابرهام کي چيو تہ جيڪي تون ڪرين ٿو، تنهن ۾ خدا تو ساڻ آهي.


۽ هڪڙي ماڻهوءَ دائود کي چيو تہ اخيتفل ابي سلوم سان منصوبو ڪندڙن مان آهي. ۽ دائود چيو، تہ اي خداوند، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي مشورت بدلائي بي عقلي ڪر.


۽ جڏهن اخيتفل ڏٺو تہ سندس صلاح تي نہ هليا آهن، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي هنو رکيو، ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏي ويو، ۽ وڃي گهر پهتو، ۽ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪري پاڻ کي ڦاسي ڏئي لڙڪائي ڇڏيائين؛ ۽ هو مري ويو، ۽ پنهنجي پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو.


۽ اها ڳالهہ ابي سلوم، ۽ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي ڏاڍي وڻي.


۽ سندس نوڪرن مان هڪڙي چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ ائين نہ آهي: بلڪ اليشع نبي، جو اسرائيل ۾ آهي، سو اسرائيل جي بادشاهہ کي اُهي ڳالهيون ٻڌائي ٿو جي تون پنهنجي سمهڻ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ ٿو ڪرين.


۽ ڏسو، خدا اسان ساڻ آهي، ۽ اسان جو سردار آهي، ۽ هن جا ڪاهن اوهان جي برخلاف زور سان قرنائون وڄائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. اي بني اسرائيليو، خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو؛ ڇالاءِ جو اوهين فتحياب نہ ٿيندا.


هو ٺڳن جون رٿون برباد ڪري ڇڏي ٿو، جنهن ڪري هنن جا هٿ پنهنجا رٿيل ڪم ڪري نٿا سگهن.


ڇو تہ جڏهن تون پنهنجا تير زهہ تي چاڙهي اُنهنجي سامهون ٿيندين، تڏهن تون کين پٺ ڏياريندين.


خدا اسان جي پناهہ ۽ زور آهي، ۽ مصيبت جي وقت ڏاڍو هڪيو مددگار آهي.


لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي؛ ۽ يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي: يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


اچو خداوند جا ڪم ڏسو، تہ زمين تي ڪهڙي نہ تباهي ڪئي اٿس.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند اهو ارادو ڪيو آهي ۽ ڪير انهيءَ کي باطل ڪندو؟ ۽ اُنهيءَ جو هٿ ڊگهو ٿيو آهي ۽ ڪير انهيءَ کي موٽائيندو؟


۽ موت سان ٻڌل اوهان جو عهد اقرار رد ٿي ويندو، ۽ دوزخ سان اوهان جو انجام قائم نہ رهندو، جڏهن سزا جي اُٿل ايندي، تڏهن اوهين انهي جي هيٺ لتاڙجي ويندا.


تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.


ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: آءٌ تنهنجو نسل اُڀرندي کان آڻيندس، ۽ اُلهندي کان توکي گڏ ڪندس؛


تنهن ڪري خداوند پاڻ اوهان کي هڪڙو نشان ڏيندو؛ ڏسو، هڪڙي ڪنواري زال پيٽ سان ٿيندي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيندي، ۽ انهيءَ جو نالو عمانوايل رکندي.


۽ اهو وهندو اڳتي يهوداہ ۾ هليو ويندو؛ اهو اُٿلي پوندو ۽ لنگهيو هليو ويندو اهو ڳچيءَ تائين بہ وڃي پهچندو؛ اي عمانوايل. ان جي کنڀن جي پکڙجڻ سان تنهنجي زمين جو شڪم ڀرجي ويندو.


ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.


جنهن بابل جي بادشاهہ جو اوهان کي ڊپ آهي، تنهن کان نہ ڊڄو؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي جو ڪوبہ ڊپ نہ رکو، ڇالاءِ جو اوهان کي بچائڻ لاءِ ۽ هن جي هٿان ڇڏائڻ لاءِ، آءٌ اوهان سان آهيان.


خداوند ٿو فرمائي تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون نہ ڊڄ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: ڇالاءِ جو جن قومن ڏي مون توکي هڪالي ڪڍيو آهي تن سڀني جي آءٌ اصل پڄاڻي ڪندس؛ پر آءٌ تنهنجي پڄاڻي نہ ڪندس؛ مگر آءٌ توکي عدالت سان سيکت ڏيندس، ۽ ڪنهن بہ طرح توکي بي سزا ڇڏي نہ ڏيندس.


اُهو ڪير آهي جو چوي ٿو تہ ائين ٿئي ٿو، جڏهن خداوند اهڙو ڪم نٿو ڪري؟


اها ڳالهہ اوهين قومن ۾ پڌري ڪريو؛ جنگ جي تياري ڪريو؛ بهادر مردن کي اُٿاريو؛ سڀني جنگي ماڻهن کي ڇڏيو تہ ويجهو اچن، ۽ جنگ ڪن.


تڏهن خداوند جي پيغمبر حجيءَ ماڻهن کي خداوند جو پيغام ٻڌايو ۽ چيائين، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان سان آهيان.


رڳو اوهين خداوند جي برخلاف بغاوت نہ ڪريو، نڪي انهي ملڪ جي ماڻهن کان ڊڄو؛ انهن جو بچاءُ وٽانئن نڪري ويو آهي، ۽ اسان سان خداوند آهي: اوهين انهن کان نہ ڊڄو.


”ڏسو هڪڙي ڪنواري حاملہ ٿيندي ۽ کيس پٽ ڄمندو، ۽ انهي جو نالو عمانوئيل رکندا؛“ جنهن جي معنيٰ آهي، ”خدا اسان سان“.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين جسم موجب حياتي گذاريندا تہ ضرور مرندا؛ پر جي روح سان بدن جي ڪمن کي فنا ڪندا، تہ جيئرا رهندا.


تڏهن هنن ڳالهين بابت اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جي برخلاف آهي؟


جڏهن تون پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ وڃين، ۽ گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ پاڻ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسين، تڏهن انهن کان متان ڊڄين: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توسان آهي، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


تنهنجي سڄي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگهندو: جيئن آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس: آءٌ توکي وساري نہ ڇڏيندس، نڪي توکي ڇڏي ڏيندس.


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اوهين خدا جا آهيو، ۽ اُنهن تي غالب پيا آهيو؛ ڇالاءِ جو جيڪو اوهان ۾ آهي سو اُنهي کان وڏو آهي جو دنيا ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ