۽ هو صبح جو سوير اُٿي تقوع جي بيابان ڏي ويا: ۽ جيئن هو نڪري پئي ويا تيئن يهوسفط بيهي چيو تہ اي يهوداہ ۽ اي يروشلم جا رهاڪو، منهنجي ٻڌو؛ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان آڻيو تہ اوهين قائم ٿيو؛ هن جي نبين جي ڳالهہ مڃو تہ اوهين اقبالمند ٿيو.
افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!
۽ چئوس تہ سنڀال ڪج ۽ صبر ۾ رهج؛ ۽ هنن ٻن دونهين ڪندڙن اماڙين جي پڇڙين جي سبب متان ڊڄين، ۽ رضين، ۽ ارام، ۽ رملياہ جي پٽ جي ڪاوڙ ڪري پنهنجي دل کي بي آرام ٿيڻ نہ ڏي.
ڇالاءِ جو اهو سڀ يعقوب جي قصور ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي گناهن ڪري آهي. يعقوب جو قصور ڪهڙو آهي؟ اهو سامريہ ناهي ڇا؟ ۽ يهوداہ جا مٿانهان مڪان ڇا آهن؟ اُهي يروشلم ناهن ڇا؟
۽ ايمان کانسواءِ هن کي پسند اچڻ ناممڪن آهي: ڇالاءِ جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنهن کي ايمان آڻڻ گهرجي تہ هو موجود آهي، ۽ جيڪي سندس طالب آهن، تن کي اجر ٿو ڏئي.
جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان ٿو آڻي، تنهن ۾ شاهدي موجود آهي: جيڪو خدا تي ايمان نٿو آڻي تنهن هن کي ڪوڙو ڪيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪا شاهدي خدا پنهنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آهي، تنهن تي ايمان نہ آندو اٿس.