Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 7:8 - Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو ارام جي گادي جو هنڌ دمشق آهي، ۽ دمشق جو سردار رضين آهي: ۽ پنجهٺ ورهين اندر افرائيم اهڙو ڀڄي پرزا پرزا ٿي ويندو جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8-9 ڇاڪاڻ تہ ارام ملڪ جي طاقت ان جي شهر دمشق کان وڌيڪ ناهي، ۽ دمشق جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ رضين ۾ آهي. ساڳيءَ طرح اسرائيل ملڪ جي طاقت ان جي شهر سامريہ کان وڌيڪ ناهي، ۽ سامريہ جي طاقت رڳو ان جي بادشاهہ فقحہ ۾ آهي. جڏهن تہ پنجهٺ سالن اندر اسرائيل وارا ڀڄي اهڙا تہ ڀورا ڀورا ٿيندا، جو هڪڙي قوم ٿي نہ رهندا. پر اي آخز بادشاهہ! جيڪڏهن مون سان تنهنجي وفاداري قائم نہ رهي، تہ تون پاڻ بہ قائم نہ رهندين.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 7:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ رات جي وقت هن ۽ سندس نوڪرن جدا جدا ٽوليون ٺاهي هنن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ کين شڪست ڏنائون، ۽ خوبہ تائين، جو دمشق جي کٻي پاسي آهي، هنن جي پٺيان پيا.


پوءِ دائود دمشق جي ارام ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏي دائود ٿي ويو، اوڏي خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.


تڏهن هو زربابل، ۽ اباڻي گهراڻن جي رئيسن وٽ آيا، ۽ انهن کي چيائون تہ اسان کي بہ پاڻ سان جوڙڻ ۾ همراهہ ٿيڻ ڏيو: ڇالاءِ جو اسين بہ اوهان جو خدا ٿا ڳوليون، جيئن اوهين ٿا ڳوليو، ۽ اسور جو بادشاهہ اسرحدون، جنهن اسان کي هتي آندو، تنهن جي ڏينهن کان وٺي اسين بہ قربانيون ڪندا آيا آهيون.


ڇالاءِ جو اهو ٻار بابا ۽ امان چوڻ سکي، تنهن کان اڳي دمشق جي دولت ۽ سامريہ جو لٽ جو مال، اسور جي بادشاهہ وٽ کڄي ويندو.


تنهن ڪري خداوند رضين جي دشمنن کي مٿي چاڙهي انهن جي برخلاف ڪندو، ۽ هن جي ويرين کي جوش ڏياريندو؛


۽ سڀ ماڻهو ڄاڻندا، يعني افرائيم ۽ سامريہ جا ماڻهو، جي مغروريءَ ۽ سخت دليءَ سان چون ٿا، تہ


دمشق بابت: حمات شرمندو ٿيو آهي، ۽ ارفاد بہ؛ ڇالاءِ جو انهن بري خبر ٻڌي آهي، اُهي پگهري ويا آهن: سمنڊ تي ڏک آهي؛ اُهو آرام ۾ رهي نٿو سگهي.


دمشق بہ تنهنجن گهڻين ڪاريگريءَ جي شين لاءِ هر قسم جي دولت سبب تنهنجو واپاري هوندو هو؛ توکي هو حلبون جو شراب ۽ اڇي پشم بہ آڻي ڏيندو هو.


جڏهن افرائيم ڳالهايو تڏهن ڏڪڻي پئجي ويئي؛ هن پاڻ کي اسرائيل ۾ وڏو چوايو: پر جڏهن هن بعل جي ڪري گناهہ ڪيو، تڏهن هو مري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ